مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| خداوند جي واکاڻ ڪريو. اي آسمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو، هائو، اي عرش عظيم تي رهڻ وارؤ! خداوند کي سڳورو چئو. |
| 2 |
| اي انهيءَ جا آسماني لشڪرؤ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، هائو، اي انهيءَ جا سڀيئي ملائڪؤ! اوهين کيس سڳورو چئو. |
| 3 |
| اي سج ۽ اي چنڊ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي چمڪندڙ تارؤ! اوهين کيس سڳورو چئو. |
| 4 |
| اي آسمانن جا آسمان! تون کيس واکاڻ پيو. اي آسمان کان مٿي وارا پاڻي! تون بہ انهيءَ کي سڳورو چئُہ. |
| 5 |
| ڀلي تہ اهي خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇوجو هن جي حڪم سان ئي سڀڪو پيدا ٿيو آهي. |
| 6 |
| هن ئي هميشہ لاءِ انهن کي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي. انهن لاءِ جاري ڪيل سندس قانون هرگز مٽجي نہ ٿو سگھي. |
| 7 |
| اي زمين وارؤ! اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي اونها سمنڊؤ! ۽ اي سمنڊ جا اجگر نانگؤ! |
| 8 |
| اوهين بہ اي وڄ ۽ ڳڙؤ! ۽ اي برف ۽ ڪوهيڙؤ! اوهين بہ اي واچوڙؤ! جيڪي سندس حڪم تي عمل ٿا ڪريو. |
| 9 |
| اي جبل پهاڙؤ! ۽ اي سڀ ٽڪريون! اوهين سندس واکاڻ ڪريو، اوهين بہ اي باغن جا وڻؤ! ۽ اي ٻيلي جا وڻؤ! |
| 10 |
| اوهين بہ اي سڀ جھنگلي جانورؤ! ۽ پڻ گھريلو جانورؤ! اوهين بہ اي ڌرتيءَ تي سرندڙ جيتؤ! ۽ پڻ اوهين اي سارا پکيؤ! |
| 11 |
| اوهين اي دنيا جا بادشاهؤ! ۽ پڻ سموريون قومون! اوهين اي دنيا جا سردارؤ! ۽ پڻ اي سڀ حڪمرانؤ! |
| 12 |
| اوهين اي سڀ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون! اوهين بہ اي پوڙها ۽ ٻارؤ! يعني اي سارا انسانؤ! سڀيئي سندس واکاڻ ڪريو. |
| 13 |
| هائو، اهي سڀ خداوند جي نالي جي واکاڻ پيا ڪن، ڇاڪاڻ تہ هن جو ئي نالو سڀني کان سرفراز آهي. سندس عظمت زمين وَ آسمان کان بلند آهي. |
| 14 |
| هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تانتہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/148.mp3
150
148