Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا، مون کي سنڀال ڇو جو آءٌ توتي ئي ڀروسو ٿو رکان. |
| 2 |
| مون خداوند کي چيو آهي، تہ تون منهنجو خدا آهين: توکانسواءِ منهنجي ڪا ڀلائي ڪانهي. |
| 3 |
| ملڪ ۾ جيڪي پاڪ آهن، اُهي ئي وڏا آهن، انهن ۾ ئي منهنجي پوري خوشي آهي. |
| 4 |
| جيڪي خداوند کي ڇڏي ڪنهن ٻئي معبود کي ٿا مڃين، تن جا ڏک وڌندا ويندا: آءٌ انهن جي لاءِ رت واريون پيئڻ جون قربانيون ڪين چاڙهيندس، نڪي پنهنجيءَ زبان سان انهن جا نالا وٺندس. |
| 5 |
| خداوند منهنجي ميراث ۽ منهنجي پيالي جو حصو آهي؛ تون ئي منهنجي حصي جو نگهبان آهين. |
| 6 |
| منهنجي ميراث دلپسند جاءِ ۾ اچي پيئي آهي؛ هائو، منهنجي ميراث عمدي آهي. |
| 7 |
| آءٌ چوندس تہ خداوند مبارڪ آهي، جنهن مون کي صلاح ڏني آهي: منهنجي دل بہ رات جي وقت مون کي نصيحت ٿي ڪري. |
| 8 |
| مون خداوند کي هميشہ پنهنجي سامهون رکيو آهي: هو منهنجي ساڄي پاسي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. |
| 9 |
| انهي ڪري منهنجي دل سرهي آهي، ۽ منهنجو روح بہ خوش ٿو رهي: منهنجو جسم بہ صحيح سلامت رهندو. |
| 10 |
| ڇالاءِ جو تون منهنجيءَ جان کي قبر ۾ ڪين ڇڏيندين؛ نڪي تون پنهنجي پاڪ شخص کي سڙڻ ڏيندين. |
| 11 |
| تون مون کي زندگيءَ جي واٽ ڏيکاريندين، تنهنجي حضور ۾ خوشيءَ جي ڀرپوري آهي: تنهنجي ساڄي هٿ ۾ مدامي سرهائي آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/016.mp3
150
16