|
| 1 |
|
| اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان. |
|
| 2 |
|
| خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي. |
|
| 3 |
|
| آءٌ خداوند کي جو تعريف جي لائق آهي پڪاريندس: ۽ ائين آءٌ پنهنجن دشمنن کان بچي ويندس. |
|
| 4 |
|
| موت جون رسيون مون کي ويڙهي ويون، ۽ بي دينيءَ جي لهرن مونکي ڊيڄاري ڇڏيو. |
|
| 5 |
|
| منهنجي چوڌاري قبر جون رسيون هيون: ۽ موت جا ڦندا اچي مون تي پيا. |
|
| 6 |
|
| مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون. |
|
| 7 |
|
| تڏهن زمين ڌڏي ۽ ڏڪي ويئي، ۽ جبلن جون پاڙون چُرڻ ۽ لڏڻ لڳيون ڇو جو هو ڪاوڙيو هو. |
|
| 8 |
|
| هن جي ناسن مان دونهون نڪتو، ۽ سندس وات مان باهہ نڪري ڀسم ڪرڻ لڳي: جنهن جي ڪري ڪوئلا ٻري پيا. |
|
| 9 |
|
| هو آسمان کي بہ جهڪائي هيٺ لهي آيو، هن جي پيرن هيٺ ڀڀ اوندهہ هئي. |
|
| 10 |
|
| هو ڪروبيءَ تي سوار تي اُڏاڻو: هائو هو هوا جي پرن تي تکو اُڏاڻو. |
|
| 11 |
|
| هن اوندهہ کي، يعني برسات جي اوندهہ کي، ۽ آسمان جي گهاٽن ڪڪرن کي، پنهنجي لڪڻ جي جاءِ، ۽ پنهنجي چوڌاري شاميانو ڪيو. |
|
| 12 |
|
| هن جي اڳيان جو تجلو هو تنهن جي ڪري گهاٽا ڪڪر ڦاٽي پيا، ۽ ڳڙا، ۽ ٽانڊا وسڻ لڳا. |
|
| 13 |
|
| خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا. |
|
| 14 |
|
| هن پنهنجا تير هڻي اُنهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، بلڪ وِڄون وسائي اُنهن کي بند ڪيائين. |
|
| 15 |
|
| تڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ زمين جا بنياد ظاهر ٿيا: خداوند جي ڇينڀ تي، ۽ هن جي ناسن مان نڪتل واچوڙي جي ڪري. |
|
| 16 |
|
| هن مٿان وٺي مون کي جهليو ۽ وڏي پاڻيءَ منجهان ڇڪي ڪڍيائين. |
|
| 17 |
|
| هن مون کي منهنجي زبردست دشمن ۽ جن کي مون کان نفرت هئي تن کان ڇڏايو. |
|
| 18 |
|
| ڇو جو اُهي مون کان وڌيڪ طاقت وارا هئا. |
|
| 19 |
|
| منهنجي مصيبت جي ڏينهن اهي مون تي ڪاهي آيا: پر خداوند منهنجو آسرو هو. |
|
| 20 |
|
| هن مون کي ڪڍي هڪڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ آندو؛ هن مون کي ڇڏايو، ڇالاءِ جو هو مون مان خوش هو. خداوند مون کي منهنجي راستبازيءَ موجب انعام ڏنو؛ ۽ منهنجي هٿن جي صفائيءَ موجب مونکي عيوضو ڏنائين. |
|
| 21 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جي واٽ تي هليو آهيان، ۽ بڇڙو ٿي پنهنجي خدا کان ڦريو نہ آهيان. |
|
| 22 |
|
| ڇو جو هن جا سڀ فيصلا منهنجي سامهون هئا، ۽ سندس قانون مون رد نہ ڪيا. |
|
| 23 |
|
| آءٌ هن سان ڪامل ٿي رهيس، ۽ پاڻ کي بڇڙائيءَ کان بچائي رکيم. |
|
| 24 |
|
| تنهن ڪري خداوند منهنجي راستبازي، ۽ منهنجي هٿن جي صفائي ڏسي، اُنهيءَ موجب مون کي عيوضو ڏنو. |
|
| 25 |
|
| رحم ڪندڙ سان تون رحيم آهين: ۽ ڪامل انسان سان تون ڪامل آهين. |
|
| 26 |
|
| پاڪ ماڻهن سان تون پاڪ آهين؛ ۽ ڏنگي سان تون ڏنگو آهين. |
|
| 27 |
|
| ڇالاءِ جو تون ڏکويل ماڻهن کي بچائيندين؛ پر مغرورن جون اکيون هيٺ ڪندين. |
|
| 28 |
|
| ڇالاءِ جو تون منهنجو ڏيئو روشن ڪندين: خداوند منهنجو خدا منهنجي اوندهہ کي سوجهرو ڪندو. |
|
| 29 |
|
| ڇالاءِ جو تنهنجي مدد سان آءٌ لشڪر جي مٿان ڊوڙي ٿو اچان؛ ۽ پنهنجي خدا جي وسيلي آءٌ ڀت ٽپي ٿو وڃان. |
|
| 30 |
|
| خدا جو رستو تہ ڪامل آهي: خداوند جو ڪلام آزمايل آهي؛ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن سڀني جي لاءِ هو ڍال آهي. |
|
| 31 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند کان سواءِ ٻيو ڪير خدا آهي؟ ۽ اسان جي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير ٽڪر آهي. |
|
| 32 |
|
| اهو خدا آهي جو طاقت سان منهنجي ڪمر ٿو ٻڌي، ۽ منهنجي واٽ ڪامل ٿو ڪري. |
|
| 33 |
|
| هو منهنجا پير هرڻ جهڙا ٿو ڪري؛ ۽ مون کي مٿانهين جاين تي ٿو بيهاري. |
|
| 34 |
|
| هو منهنجن هٿن کي جنگ ڪرڻ ٿو سيکاري؛ ايتري قدر جو پتل جي ڪمان کي منهنجون ٻانهون موڙيو ڇڏين. |
|
| 35 |
|
| تو مون کي پنهنجي نجات جي ڍال ڏني آهي: ۽ تنهنجي ساڄي هٿ منهنجي سنڀال ڪئي آهي، ۽ تنهنجيءَ مروت مون کي عظمت ڏني آهي. |
|
| 36 |
|
| تو منهنجي هيٺان منهنجي قدمن جي واٽ ڪشادي ڪئي آهي، جنهن ڪري منهنجا پير ڪين ترڪيا آهن. |
|
| 37 |
|
| آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پوندس، ۽ وڃي کين پهچندس: ۽ جيستائين اُنهن کي نابود نہ ڪندس تيستائين ڪين موٽندس. |
|
| 38 |
|
| آءٌ انهن کي اهڙو ماريندس جو هو اُٿي ڪين سگهندا: اُهي منهنجي پيرن هيٺ ڪري پوندا. |
|
| 39 |
|
| ڇالاءِ جو تو منهنجيءَ چيلهہ کي جنگ جي لاءِ طاقت سان ٻڌو آهي: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا تن کي منهنجي تابع ڪيو اٿيئي. |
|
| 40 |
|
| تو منهنجي دشمنن جي پٺ مون ڏانهن ورائي آهي، تہ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي آءٌ تباهہ ڪري ڇڏيان. |
|
| 41 |
|
| اُنهن دانهون ڪيون پر بچائيندڙ ڪونہ هون؛ اُنهن خداوند کي بہ پڪاريو، پر هن جواب ڪونہ ڏنن. |
|
| 42 |
|
| پوءِ مون اُنهن کي ماري هوا ۾ اُڏامندڙ مٽيءَ جهڙو ڪري ڇڏيو: ۽ گهٽيءَ جي گپ وانگر کين اُڇلائي ڦٽو ڪيم. |
|
| 43 |
|
| تو مون کي ماڻهن جي جهيڙن کان ڇڏايو آهي؛ تو مون کي قومن جو سردار ڪيو آهي. جنهن قوم کان آءٌ ناواقف هوس سا منهنجي خدمت ڪندي. |
|
| 44 |
|
| منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا. |
|
| 45 |
|
| پرديسي هيڻا ٿي ويندا، ۽ ڏڪندا ڏڪندا پنهنجن قلعن مان نڪرندا. |
|
| 46 |
|
| خداوند جيئرو آهي؛ شل منهنجو ٽڪر مبارڪ هجي؛ ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ خدا سرفراز ٿئي. |
|
| 47 |
|
| يعني اُهو خدا جو منهنجو وير ٿو وٺي، ۽ قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري. |
|
| 48 |
|
| هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين. |
|
| 49 |
|
| تنهنڪري اي خداوند، آءٌ قومن ۾ تنهنجا ٿورا مڃيندس، ۽ تنهنجي نالي جي تعريف ڳائيندس. |
|
| 50 |
|
| هو پنهنجي بادشاهہ کي وڏو ڇوٽڪارو ٿو ڏئي؛ ۽ پنهنجي مسح ڪيل کي، يعني دائود ۽ سندس اولاد تي هميشہ لاءِ مهرباني ٿو ڪري. |
|
|
|
|