Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| آسمان خدا جو جلال ظاهر ٿا ڪن؛ ۽ فضا سندس هٿ جا ڪم پڌرا ٿي ڪري. |
| 2 |
| ڏينهن ڏينهن سان ڳالهيون ٿو ڪري، ۽ رات رات کي حڪمت ٿي سيکاري. |
| 3 |
| نہ ڪا ٻولي آهي نہ ڪو ڪلام؛ نڪي انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. |
| 4 |
| اُنهن جو سر ساري زمين ۾ هلي ويو آهي، اُنهن جو ڪلام دنيا جي ڇيڙي تائين وڃي پهتو آهي. اُنهن ۾ هن سج جي لاءِ تنبو هنيو آهي. |
| 5 |
| اُهو گهوٽ وانگر پنهنجي ڪمري کان نڪري ٿو، ۽ پهلوان وانگي پنهنجي پنهنجي ڊوڙ ۾ خوش ٿو ٿئي. |
| 6 |
| هو آسمان جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪري ٿو ۽ هن جو گشت ٻئي ڇيڙي تائين ٿو ٿئي: هن جي گرميءَ کان ڪابہ شيءِ لڪل ڪانهي. |
| 7 |
| خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي. |
| 8 |
| خداوند جا قاعدا صحيح آهن، جي دل کي خوش ٿا ڪن: خداوند جو حڪم پاڪ آهي، جو اکين کي روشن ٿو ڪري. |
| 9 |
| خداوند جو خوف پاڪ آهي، جو هميشہ قائم ٿو رهي: خداوند جا فيصلا سچا، ۽ بلڪل راست آهن. |
| 10 |
| اهي سون کان، بلڪ ڪُندن کان بہ وڌيڪ دلپسند آهن: اهي ماکيءَ کان ۽ ان جي ماناري کان بہ مٺا آهن. |
| 11 |
| ۽ انهيءَ ڪري تنهنجي ٻانهي کي اطلاع ٿو ملي: انهن جي مڃڻ ۾ وڏو اجر آهي. |
| 12 |
| ڪنهن کي پنهنجي ڀل جي ڪل ٿي پوي؟ تون مون کي ڳجهن ڏوهن کان پاڪ ڪر. |
| 13 |
| پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان بہ روڪ؛ اُهي مون تي غالب نہ پون: تڏهن آءٌ ڪامل ٿيندس، ۽ وڏي گناهہ کان ڇٽي ويندس. |
| 14 |
| منهنجي وات جون ڳالهيون ۽ منهنجيءَ دل جا خيال تو وٽ قبول پون، اي خداوند، منهنجي طاقت، ۽ منهنجا ڇڏائيندڙ. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/019.mp3
150
19