|
| 1 |
|
| آسمان خدا جو جلوو ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اهي سندس هٿن جي ڪاريگريءَ کي پڌرو ڪن ٿا. |
|
| 2 |
|
| هر ڪو ڏينهن ٻئي ڏينهن کي خدا جي عظمت ٿو ٻڌائي، ۽ هر ڪا رات ٻيءَ رات کي خدا جي حڪمت ٿي سيکاري. |
|
| 3 |
|
| توڙي جو انهن جي نڪي ٻولي ٿي ٻڌجي، نہ ڪو لفظ، ۽ نہ ئي وري انهن جو ڪو آواز ٻڌجڻ ۾ ٿو اچي، |
|
| 4 |
|
| تہ بہ انهن جي لات سڄي دنيا ۾، ۽ انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ٿو پهچي. آسمانن منجھہ خدا سج جي واسطي خيمو کوڙيو آهي، |
|
| 5 |
|
| جيڪو صبح جو گھوٽ جيان پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿو، ۽ هڪ پرجوش جوان جيان گوءِ ۾ ڊوڙڻ لاءِ تيار ٿو ٿئي. |
|
| 6 |
|
| هو آسمان جي هڪڙي ڇيڙي کان نڪري ٻئي ڇيڙي تائين گشت ڪري ٿو. هن جي گرميءَ کان ڪڏهن بہ ڪا شيءِ لڪي نہ ٿي سگھي. |
|
| 7 |
|
| خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن. |
|
| 8 |
|
| خداوند جا قاعدا سچا آهن، جيڪي دل کي خوشيون ٿا ڏين. هن جا حڪم حق وارا آهن، جيڪي اکين کي روشن ٿا ڪن. |
|
| 9 |
|
| خداوند جو خوف رکڻ ۾ پاڪيزگي رهي ٿي، سندس خوف هميشہ هميشہ تائين رکيو ويندو. خداوند جا فيصلا برحق ۽ سڀ جو سڀ سچا آهن. |
|
| 10 |
|
| اهي ماڻهن کي سون کان، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن. اهي ماکيءَ کان، بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن. |
|
| 11 |
|
| آءٌ جيڪو خداوند جو ٻانهو آهيان، تنهن کي انهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. بيشڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان بيحد اجر ملي ٿو. |
|
| 12 |
|
| اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ. |
|
| 13 |
|
| تون پنهنجي ٻانهي کي گستاخيءَ جي گناهن کان پڻ روڪ. شل ائين نہ ٿئي جو اُهي مون تي غالب پئجي وڃن! تنهنجي مدد سان ئي آءٌ بيڏوهي ٿي پوندس، ۽ تو کان باغي ٿيڻ جهڙي گناهہ کان بچي ويندس. |
|
| 14 |
|
| اي خداوند! اي منهنجا محافظ! ۽ اي مون کي ڇڏائڻ جو حق رکندڙ! شال منهنجيون ڳالهيون ۽ منهنجا خيال تو وٽ قبول پون! |
|
|
|
|