مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟ |
| 2 |
| خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ |
| 3 |
| ”اچو تہ اسين پاڻ تان سندن ٻڌل رسا ٽوڙي آزاد ٿيون، هائو، اسين سندن تابعداريءَ مان پاڻ کي آزاد ڪري وٺون.“ |
| 4 |
| اهو جيڪو عرش عظيم تي ويٺو آهي سو مٿن کلي ٿو. سندن انهن هيڻن منصوبن تي خداوند مٿن ٺٺوليون ٿو ڪري. |
| 5 |
| پوءِ هو انهن تي ڪاوڙجي کين ڇينڀ ٿو ڪڍي، هو پنهنجي سخت قهر وچان انهن منجھہ دهشت ٿو وجھي. |
| 6 |
| هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“ |
| 7 |
| تڏهن بادشاهہ چيو تہ ” خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان. |
| 8 |
| تون مون کان گھُر تہ آءٌ سڀ قومون تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ هيءَ سڄي ڌرتي تنهنجي ملڪيت ۾ ڏيئي ڇڏيندس. |
| 9 |
| تون انهن تي لوهہ جي شاهي لٺ سان حڪمراني ڪندين، تون انهن کي ٺڪر جي ٿانون وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندين.‘“ |
| 10 |
| تنهنڪري اي بادشاهؤ! هاڻي اوهين ڏاها ٿيو. هائو، اي ڌرتيءَ جا حڪمرانؤ! هاڻي اوهين هدايت وٺو. |
| 11 |
| اوهين ڊڄندي ڊڄندي خداوند جي عبادت ڪريو. هائو، کانئس ڏڪندي ڏڪندي سندس بندگي ڪريو. |
| 12 |
| متان هو اوهان تي غصي ٿئي، ۽ اوهان کي پل ۾ نابود ڪري ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن جي ڪاوڙ جلد ئي ڀڙڪڻ واري آهي. سڀاڳا آهن اهي سڀيئي، جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/002.mp3
150
2