×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ٢٠

1
اي بادشاهہ! شل مصيبت جي ڏينهن تي خداوند تنهنجي ٻُڌي! هائو، يعقوب جو خدا شل تو کي سلامت رکي!
2
شل خداوند مقدس جاءِ مان تو ڏانهن مدد موڪلي! صيئون جي جبل منجھان شل هو تو کي زور بخشي!
3
شل هو تنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون دل تي ياد رکي! هائو، شل هو تنهنجا سڀ نذرانا قبول ڪري!
4
شل هو تنهنجيءَ دل جون سموريون مرادون پوريون ڪري! شل هو تنهنجيون سموريون رٿون ڪامياب ڪري!
5
پوءِ اسين تنهنجي فتح تي خوشيون ملهائينداسين، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جا جھنڊا بلند ڪنداسين. شل خداوند تنهنجيون سڀيئي دعائون پوريون ڪري!
6
اي خداوند! مون کي پورو يقين آهي تہ تون پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائيندين. تون پنهنجي عرش عظيم تي سندس عرض ٻُڌي، کيس پنهنجي زور واري قوت سان فتح بخشيندين.
7
ڪي جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀروسو ڪن ٿا، ۽ ڪي وري گھوڙن تي، اهڙا ماڻهو شڪست کائيندا ۽ هيٺ ڪيرايا ويندا. پر اي خداوند ، اسان جا خدا! اسان جو تو تي ئي ڀروسو آهي، سو اسين فتح حاصل ڪنداسين ۽ قائم رهنداسين.
8
9
اي خداوند! تون بادشاهہ کي فتح بخش، ۽ اسان جي دعائن کي قبول فرماءِ.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو