|
| 1 |
|
| اي خداوند، تنهنجي طاقت ۾ بادشاهہ خوش ٿيندو؛ ۽ تنهنجيءَ نجات ۾ هو ڪيترو نہ سرهو ٿيندو! |
|
| 2 |
|
| تو هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي، ۽ سندس زبان جو عرض رد نہ ڪيو اٿيئي. |
|
| 3 |
|
| تون هن کي چڱائيءَ جون برڪتون ڏيئي هن جي اڳيان اچي ٿو رسين: ۽ تون هن جي مٿي تي نج سون جو تاج ٿو رکين. |
|
| 4 |
|
| هن توکان حياتي گهري، ۽ تو کيس اها بخشي؛ بلڪ هميشہ لاءِ وڏي ڄمار ڏني. |
|
| 5 |
|
| تنهنجيءَ نجات ۾ هن جو وڏو جلال آهي: تون هن کي شان ۽ شوڪت عطا ٿو ڪرين. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو تون هن کي هميشہ سراسر مبارڪ ٿو ڪرين: ۽ کيس پنهنجي حضور خوش ٿو رکين. |
|
| 7 |
|
| ڇو جو بادشاهہ جو ڀروسو خداوند تي آهي، ۽ خدا تعاليٰ جي ٻاجهہ ڪري هن کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. |
|
| 8 |
|
| تنهنجو هٿ تنهنجا سڀيئي دشمن ڳولي ڪڍندو: تنهنجو ساڄو هٿ انهن کي ڳولي لهندو جن کي تو کان نفرت آهي. |
|
| 9 |
|
| تون اُنهن کي پنهنجي غصي وقت ٻرندڙ تنور جهڙو ڪندين. خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ اُنهن کي ڳهي ويندو، ۽ باهہ اُنهن کي کائي ويندي. |
|
| 10 |
|
| تون اُنهن جي اولاد کي زمين تان، ۽ اُنهن جي نسل کي بني آدم منجهان نابود ڪري ڇڏيندين. |
|
| 11 |
|
| ڇالاءِ جو اُنهن تنهنجي برخلاف برائي جو ارادو ڪيو: ۽ تجويز رٿيائون جا اُهي پوري ڪري نہ سگهيا. |
|
| 12 |
|
| ڇو تہ جڏهن تون پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي اُنهنجي سامهون ٿيندين، تڏهن تون کين پٺ ڏياريندين. |
|
| 13 |
|
| اي خداوند، شل تون پنهنجي طاقت جي ڪري سرفراز ٿين: ۽ اسين گيت ڳائي تنهنجي قدرت جي تعريف ڪنداسين. |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/021.mp3
150
21