مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! تنهنجي ڏنل طاقت تي بادشاهہ بيحد خوش آهي. تو کيس جيڪا فتح بخشي آهي تنهن لاءِ هو ڪيڏو نہ سرهو آهي! |
| 2 |
| تو ئي تہ هن جي دل جي مراد پوري ڪئي آهي. هن جي زبان جو ڪو عرض تو رد نہ ڪيو آهي. |
| 3 |
| تو عمدين برڪتن سان اچي کيس نوازيو آهي، ۽ سندس مٿي تي نج سون جو تاج رکيو اٿيئي. |
| 4 |
| هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس. |
| 5 |
| تنهنجيءَ ئي مدد سان هن جو مان مٿاهون ٿيو آهي. بيشڪ تو هن کي عظمت ۽ شان وَ شوڪت عطا ڪئي آهي. |
| 6 |
| تون ئي هن کي هميشہ برڪتن سان مالا مال ڪرين ٿو، ۽ کيس پنهنجي حضور جي خوشين سان ڀرپور رکين ٿو. |
| 7 |
| بيشڪ خداوند تي ئي بادشاهہ جو ڀروسو آهي. سو خدا تعاليٰ جي دائمي شفقت جي ڪري کيس ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو. |
| 8 |
| اي بادشاهہ! تون پنهنجي سڀني دشمنن کي ڳولي قابو ڪندين. هائو، جن کي تو کان نفرت آهي، سي تنهنجي زورآور هٿ کان بچي نہ سگھندا. |
| 9 |
| تون پنهنجي غصي وقت کين ائين ساڙي وجھندين، جيئن ٻرندڙ تنور ۾ ساڙيو وڃي. اهو خداوند جو ئي غصو آهي جيڪو کين ڳهي ويندو. هائو، اهو باهہ جو شعلو بڻجي کين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو. |
| 10 |
| اي بادشاهہ! تون انهن جو اولاد بني آدم مان نابود ڪري ڇڏيندين. هائو، تون ڌرتيءَ تان سندن نسل کي ئي مِٽائي ڇڏيندين. |
| 11 |
| جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا. |
| 12 |
| تون جڏهن پنهنجا تير زهہ تي چاڙهي سندن سامهون ٿيندين، تڏهن کين پٺي ڏياري ڀڄائي ڪڍندين. |
| 13 |
| اي خداوند! تنهنجي قدرت جي ڪري اسين تنهنجي واکاڻ ڪنداسين. هائو، اسين گيت ڳائيندي تنهنجي عجيب ڪمن جي تعريف ڪنداسين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/021.mp3
150
21