|
| 1 |
|
| اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مونکي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ کان ۽ منهنجون دانهون ٻڌڻ کان ڇو پاسي ٿيو آهين؟ |
|
| 2 |
|
| اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين. |
|
| 3 |
|
| پر تون پاڪ آهين، تون جو اسرائيل جي تعريف تي تخت نشين آهين. |
|
| 4 |
|
| اسان جي ابن ڏاڏن توتي ڀروسو رکيو: اُنهن ايمان آندو، ۽ تو اُنهن کي ڇڏايو. |
|
| 5 |
|
| اُنهن توکي دانهن ڏني، ۽ ڇوٽڪارو ملين: اُنهن توتي ڀروسو رکيو، ۽ ڦڪا نہ ٿيا. |
|
| 6 |
|
| پر آءٌ ڪينئون آهيان، ۽ ماڻهو نہ آهيان: ماڻهن ۾ ۽ قومن ۾ حقير آهيان. |
|
| 7 |
|
| جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي کلن ٿا: ۽ وات ڦاڙي ۽ ڪنڌ ڌوڻي چون ٿا، |
|
| 8 |
|
| تہ هن خداوند تي ڀاڙيو آهي؛ ڀلي تہ اُهو ڇڏائيس: اُهو جو منجهانئس خوش آهي ۽ سو ڀلي تہ ڇڏائيس. |
|
| 9 |
|
| پر تون ئي اُهو آهين، جنهن مون کي پيٽ مان ڪڍيو: جڏهن اڃا آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڻن تي هوس تڏهن تو مونکي ڀروسو رکڻ سيکاريو. |
|
| 10 |
|
| آءٌ ڄمندي ئي توکي سونپيو ويس: آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان ئي تون منهنجو خدا آهين. |
|
| 11 |
|
| مون کان پري نہ ٿيءُ؛ ڇو جو مصيبت ويجهي آهي، ۽ مددگار ڪوبہ ڪونهي. |
|
| 12 |
|
| گهڻن ڏاندن مونکي گهيريو آهي: ۽ بسن جا زوراور ڏاند منهنجي چوڌاري ڦري آيا آهن. |
|
| 13 |
|
| اهي ڦاڙيندڙ ۽ گجندڙ شينهن وانگي مون تي پنهنجا وات پيا ڦاڙين. |
|
| 14 |
|
| آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي. |
|
| 15 |
|
| منهنجي طاقت سڪو ٺڪر ٿي پيئي آهي؛ منهنجي ڄڀ تارونءَ سان اچي لڳي آهي؛ ۽ تو مون کي موت جي مٽيءَ ۾ آڻي ويهاريو آهي. |
|
| 16 |
|
| ڇالاءِ جو ڪتن مونکي اچي گهيريو آهي: ۽ بدڪارن جي ٽولي مونکي ورائي ويئي آهي؛ اُنهن منهنجا هٿ ۽ پير وڍيا آهن. |
|
| 17 |
|
| آءٌ پنهنجون سڀ هڏيون ڳڻي ٿو سگهان؛ اُهي مون ڏانهن اکيون ڦاڙي پيا نهارين. |
|
| 18 |
|
| اهي منهنجا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائين ٿا ۽ منهنجي پوشاڪ تي پُکا ٿا وجهن. |
|
| 19 |
|
| پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي. |
|
| 20 |
|
| منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ. |
|
| 21 |
|
| مون کي شينهن جي وات کان بچاءِ؛ بلڪ جڏهن آءٌ سانن جي سڱن تي هوس تڏهن تو مونکي بچايو. |
|
| 22 |
|
| آءٌ پنهنجن ڀائرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس: ۽ جماعت جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس. |
|
| 23 |
|
| اوهين جي خداوند کان ڊڄو ٿا، سندس تعريف ڪريو؛ اي يعقوب جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جو جلال ظاهر ڪريو؛ اي اسرائيل جو اولاد، اوهين سڀيئي هن جي ڊپ ۾ رهو. |
|
| 24 |
|
| ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين. |
|
| 25 |
|
| وڏيءَ جماعت ۾ آءٌ تنهنجي ئي تعريف ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي هن کان ڊڄن ٿا تن جي اڳيان آءٌ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪندس. |
|
| 26 |
|
| جيڪي نماڻا آهن سي کائي ڍءُ ڪندا: خداوند جا طالب سندس تعريف ڪندا: اوهان جي دل سدائين جيئري رهي. |
|
| 27 |
|
| سارو جهان خداوند کي ياد ڪندو ۽ ڏانهنس ڦرندو: ۽ قومن جا سڀ گهراڻا تنهنجي اڳيان سجدو ڪندا. |
|
| 28 |
|
| ڇو جو بادشاهت خداوند جي آهي: ۽ اهو ئي قومن جو حاڪم آهي. |
|
| 29 |
|
| دنيا جا سڀ آسودا ماڻهو کائيندا ۽ سجدو ڪندا: ۽ جيڪي مٽيءَ ۾ وڃڻ وارا هوندا، بلڪ جيڪو پنهنجيءَ جان کي جيئرو نہ رکي سگهندو، سي سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪندا. |
|
| 30 |
|
| هڪڙو نسل هن جي عبادت ڪندو؛ ۽ ٻيءَ پيڙهيءَ کي خداوند بابت ٻڌايو ويندو. |
|
| 31 |
|
| اُهي ايندا ۽ سندس سچائي ظاهر ڪندا: ۽ جيڪا قوم پيدا ٿيندي تنهن کي چوندا تہ هن ائين ڪيو آهي. |
|
|
|
|