Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خداوند منهنجو ريڍار آهي؛ مون کي ڪابہ گهرج ڪانہ ٿيندي. |
| 2 |
| هو مون کي ساين ويئن ۾ ويهاري ٿو: هو مون کي راحت جي چشمن وٽ وٺي وڃي ٿو. |
| 3 |
| هو منهنجي جان کي بحال ڪري ٿو: ۽ پنهنجي نالي جي خاطر مون کي سچائيءَ جي واٽن تي وٺي ٿو هلي. |
| 4 |
| هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي. |
| 5 |
| تو منهنجي دشمنن جي ڏسندي مون لاءِ دسترخانو وڇايو آهي: تو منهنجي مٿي تي تيل مکيو آهي؛ منهنجو پيالو ٽمٽار آهي. |
| 6 |
| بيشڪ ڀلائي ۽ رحمت منهنجي سڄي حياتي مون سان لڳي رهندي: ۽ آءٌ سدائين خداوند جي گهر ۾ رهندس. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/023.mp3
150
23