|
| 1 |
|
| اي خداوند، آءٌ پنهنجي جان کي توسان لڳايان ٿو. |
|
| 2 |
|
| اي منهنجا خدا، آءٌ توتي ڀروسو ٿو رکان، مونکي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ۽ منهنجا دشمن مون تي فتحياب نہ ٿين. |
|
| 3 |
|
| هاڻي جيڪي تنهنجي انتظار ۾ آهن، تن مان ڪوبہ شرمندو نہ ٿيندو: پر جيڪي بي سبب دغا ٿا ڪن سي ئي شرمندا ٿيندا. |
|
| 4 |
|
| اي خداوند، مونکي پنهنجا رستا ڏيکار؛ ۽ مون کي پنهنجون واٽون سيکار. |
|
| 5 |
|
| مون کي پنهنجيءَ سچائيءَ ۾ هلاءِ، ۽ مون کي تعليم ڏي؛ ڇالاءِ جو تون ئي منهنجي ڇوٽڪاري جو خدا آهين؛ آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي انتظار ۾ آهيان. |
|
| 6 |
|
| اي خداوند، پنهنجن رحمتن ۽ مهربانين کي ياد ڪر؛ ڇو جو اهي ازل کان آهن. |
|
| 7 |
|
| منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر. |
|
| 8 |
|
| خداوند نيڪ ۽ سچو آهي: تنهن ڪري هو گنهگارن کي سچائيءَ جي واٽ سيکاريندو. |
|
| 9 |
|
| هو حليمن کي انصاف سان هلائيندو: ۽ نماڻن کي پنهنجي واٽ ڏيکاريندو. |
|
| 10 |
|
| جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن. |
|
| 11 |
|
| اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي. |
|
| 12 |
|
| اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي. |
|
| 13 |
|
| انهي جي جان سکي رهندي؛ ۽ انهي جو اولاد زمين جو وارث ٿيندو. |
|
| 14 |
|
| جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو. |
|
| 15 |
|
| منهنجون اکيون هميشہ خداوند ڏانهن آهن؛ ڇالاءِ جو هو منهنجا پير ڄار مان ڇڏائيندو. |
|
| 16 |
|
| تون مون ڏانهن نظر ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو آءٌ اڪيلو ۽ ڏکي آهيان. |
|
| 17 |
|
| منهنجيءَ دل جا ڏک وڌي ويا آهن: مون کي منهنجين مصيبتن کان ڇڏاءِ. |
|
| 18 |
|
| منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر. |
|
| 19 |
|
| منهنجن دشمنن کي ڏس، ڇالاءِ جو اُهي گهڻا آهن؛ ۽ اُهي مون سان سخت نفرت ٿا رکن. |
|
| 20 |
|
| منهنجيءَ جان کي سنڀال، ۽ مون کي ڇڏاءِ: ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي. |
|
| 21 |
|
| شل ايمانداري ۽ سچائي منهنجي نگهباني ڪن، ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي ئي انتظار ۾ آهيان. |
|
| 22 |
|
| اي خدا، اسرائيل کي سندس سڀني ڏکن کان ڇڏاءِ. |
|
|
|
|