Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اوهين جي طاقتور آهيو، خداوند جي جلال ۽ تعظيم جي تعريف ڪريو. |
| 2 |
| خداوند جي اهڙي تعريف ڪريو جا سندس نالي جي لائق آهي؛ پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو. |
| 3 |
| خداوند جو آواز پاڻين تي آهي: جلال وارو خدا گجڪار ٿو ڪري، هائو خداوند گهڻن پاڻين تي گجڪار ٿو ڪري. |
| 4 |
| خداوند جو آواز قدرت وارو آهي؛ خداوند جو آواز شاهي شان وارو آهي. |
| 5 |
| خدا جو آواز ديودارن کي ڀڃي ٿو؛ هائو، لبنان جي ديودارن کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري. |
| 6 |
| هو اُنهن کي گابي وانگر ٿو ڪُڏائي؛ ۽ لبنان ۽ سريون کي جهنگلي پاڏي وانگر ٽپا ٿو ڏياري. |
| 7 |
| خداوند جو آواز باهہ جي شعلن کي چيري ٿو. |
| 8 |
| خداوند جو آواز بيابان کي لوڏي ٿو؛ خداوند قاديس جي بيابان کي لوڏي ٿو ڇڏي. |
| 9 |
| خداوند جي آواز ڪري هرڻين جا پيٽ ڪريو پون، ۽ ٻيلن جا وڻ ٻٽا ٿيو پون: ۽ هن جي هيڪل ۾ سڀڪو جلال ئي جلال پيو پڪاري. |
| 10 |
| خداوند ٻوڏ جي وقت تخت نشين هو؛ هائو خداوند هميشہ جي لاءِ تخت نشين آهي. |
| 11 |
| خداوند پنهنجيءَ اُمت کي طاقت ڏيندو؛ خداوند پنهنجيءَ اُمت کي سلامتيءَ جي برڪت ڏيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/029.mp3
150
29