مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي فرشتؤ! اوهين خداوند جي تعريف ڪريو. هائو، هن جي جلال ۽ قدرت جي واکاڻ ڪريو. |
| 2 |
| خداوند جي نالي جي لائق اوهين سندس تعريف ڪريو. سندس شان وَ شوڪت ڏسي کيس سجدو ڪريو. |
| 3 |
| خداوند جو آواز بحرن تي آهي، جلال وارو خدا گجگوڙ ڪري ٿو. بيشڪ وسيع بحرن جي مٿان انهيءَ جو آواز گونجي ٿو. |
| 4 |
| خداوند جو آواز وڏي قدرت ۽ زور وارو آهي. هائو، سندس آواز شاهي شان وارو آهي. |
| 5 |
| خداوند جو آواز اهڙو آهي جو ديال جي وڻن کي ڀڃيو ڇڏي، بلڪ لبناني ديال جي وڻن کي بہ هو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو ڇڏي. |
| 6 |
| هو لبنان جي ٽڪرن کي گابي وانگر ٿو ڪُڏائي. هو حرمون جبل کي وهڙي جيان ٽپا ٿو ڏياري. |
| 7 |
| خداوند جي آواز سان وڄ جو چمڪو ٿئي ٿو. |
| 8 |
| خداوند جو آواز بيابانن کي لوڏي ٿو ڇڏي. بلڪ سندس آواز قاديس جي بيابان کي بہ ڏڪايو ڇڏي. |
| 9 |
| خداوند جو آواز اهڙو آهي، جو اهو شاهہبلوط وڻن کي مروٽيو ڇڏي. هو ٻيلن جا وڻ بہ پنن کان ٻُٽا ٿو ڪري ڇڏي. هن جي هيڪل ۾ هر ڪو واکاڻيندي چوي ٿو تہ ” خداوند عظيم آهي! خداوند عظيم آهي!“ |
| 10 |
| خداوند ئي اونهن پاڻين تي تختنشين آهي، هو بادشاهہ طور هميشہ هميشہ تختنشين رهندو. |
| 11 |
| شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/029.mp3
150
29