×

مقدس ڪلام توريت، زبور

زبور ٣

1
اي خداوند! مون کي ستائڻ وارا ڪيڏا نہ گھڻا ٿي ويا آهن! هائو، گھڻا ئي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.
2
ڪيترائي آهن جيڪي مون لاءِ هيئن ٿا چون تہ ”هن کي خدا وٽان ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“
3
پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.
4
اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.
5
جڏهن آءٌ ليٽي پيس تہ سڄي رات مون کي ننڊ وٺي ويئي. پوءِ وري آءٌ جاڳي اٿيس، ڇاڪاڻ تہ تو ئي منهنجي حفاظت ٿي ڪئي.
6
آءٌ تہ انهن لکين دشمنن کان بہ نہ ڊڄندس، جيڪي چئني طرفن کان منهنجو گھيرو ڪيو ويٺا آهن.
7
اُٿ اي خداوند ، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.
8
بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو