Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند، آءٌ تنهنجي تمجيد ڪندس؛ ڇالاءِ جو تو مونکي سرفراز ڪيو آهي، ۽ منهنجن دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏنو اٿيئي. |
| 2 |
| اي خداوند منهنجا خدا، مون توکي پڪاريو، ۽ تو مون کي شفا ڏني آهي. |
| 3 |
| اي خداوند، تو منهنجيءَ جان کي قبر مان ڪڍي آندو آهي: تو مونکي جيئرو رکيو آهي، تہ آءٌ قبر ۾ نہ پوان. |
| 4 |
| اي خداوند جا پاڪ بندا، اوهين هن جي تعريف ڳايو، ۽ سندس پاڪ نالي جي شڪر گذاري ڪريو. |
| 5 |
| ڇو جو هن جو غصو رڳو هڪڙي پل جو آهي؛ ۽ سندس ٻاجهہ ۾ زندگي آهي: سڄي رات شايد روئڻ هجي، پر صبح جو سرهائي ٿيندي. |
| 6 |
| مون پنهنجيءَ خوشحاليءَ جي وقت چيو، تہ مون کي ڪڏهن لوڏو ڪين ايندو. |
| 7 |
| اي خداوند، تو پنهنجي مهربانيءَ سان منهنجي جبل کي قائم رکيو هو: پر جڏهن تو پنهنجو منهن لڪايو، تڏهن آءٌ منجهي پيس. |
| 8 |
| اي خداوند، مون توکي پڪاريو؛ هائو، مون خداوند کي عرض ڪيو: |
| 9 |
| جي آءٌ قبر ۾ وڃي پوان تہ پوءِ منهنجي مرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مٽي تنهنجي تعريف ڪندي ڇا؟ اها تنهنجي سچائي پڌري ڪندي ڇا؟ |
| 10 |
| اي خداوند، ٻڌ ۽ مون تي رحم ڪر: اي خداوند تون منهنجو مددگار ٿيءُ. |
| 11 |
| تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي: |
| 12 |
| انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/030.mp3
150
30