مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي. |
| 2 |
| اي خداوند ، منهنجا خدا! مون مدد لاءِ تو کي پڪاريو، ۽ تو منهنجي پڪار تي مون کي شفا بخشي. |
| 3 |
| اي خداوند! تو مون کي پاتال ۾ وڃي پوڻ کان بچائي ورتو، هائو، تو مون کي قبر ۾ داخل ٿيڻ کان محفوظ رکيو. |
| 4 |
| اي خداوند جا نيڪ بندؤ! اوهين سندس تعريف ڳايو. اوهين هن جي پاڪ نالي جي شڪرگذاري ڪريو. |
| 5 |
| سندس غصو رڳو هڪ پل جو آهي، پر سندس ڪرم عمر ڀر جو آهي. رات جو شايد روئڻو پوي، پر صبح جو خوشي ملي ٿي وڃي. |
| 6 |
| پنهنجي خوشحاليءَ جي وقت مون سوچيو ٿي تہ ”مون کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو.“ |
| 7 |
| اي خداوند! تو پنهنجي ڪرم سان مون کي عظمت ۽ طاقت عطا ڪئي هئي. پر جڏهن تو مون کان منهن موڙيو، تڏهن مون کي ڊپ ورتو هو. |
| 8 |
| سو مون تنهنجي اڳيان گھڻو ٻاڏايو هو. مون مدد جي لاءِ تو خداوند آڏو پڪاريو هو تہ |
| 9 |
| ”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟ |
| 10 |
| اي خداوند! منهنجي ٻڌ ۽ مون تي پنهنجو رحم ڪر. اي خداوند! تون منهنجو مددگار ٿيءُ.“ |
| 11 |
| هاڻ تو ئي تہ منهنجي ماتم کي خوشيءَ جي ناچ ۾ تبديل ڪيو آهي. تو ئي تہ مون تان غم جو کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو سندرو ٻڌايو آهي، |
| 12 |
| تانتہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند ، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/030.mp3
150
30