|
| 1 |
|
| اي خداوند منهنجو ڀروسو توتي آهي؛ مون کي ڪڏهن شرمندو ٿيڻ نہ ڏي: تون پنهنجيءَ راستبازيءَ خاطر مونکي بچاءِ. |
|
| 2 |
|
| پنهنجو ڪن مون ڏانهن ڪري سگهو مون کي ڇڏاءِ: تون مون لاءِ مضبوط ٽڪر ۽ منهنجي پناهہ جو گهر ٿيءُ. |
|
| 3 |
|
| ڇو جو تون ئي منهنجو ٽڪر ۽ قلعو آهين: تنهن ڪري پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو سونهون ٿيءُ ۽ منهنجي رهبري ڪر. |
|
| 4 |
|
| مون کي اُنهيءَ ڄار مان ڪڍي وٺ جو انهن مون لاءِ ڳجهيءَ طرح پکيڙيو آهي؛ ڇو جو تون ئي منهنجو مضبوط ڪوٽ آهين. |
|
| 5 |
|
| اي خداوند سچائيءَ جا خدا، آءٌ پنهنجو روح تنهنجن هٿن ۾ ٿو سونپيان: توئي مونکي ڇوٽڪارو ڏنو آهي. |
|
| 6 |
|
| جيڪي اجاين ڪوڙين ڳالهين کي ٿا مڃين، تن کان مون کي نفرت آهي: پر منهنجو ڀروسو خدا تي آهي. |
|
| 7 |
|
| آءٌ تنهنجي رحم جي ڪري خوشي ڪندس ۽ سرهو ٿيندس: ڇالاءِ جو تو منهنجي مصيبت تي نظر ڪئي، ۽ تون منهنجيءَ جان جي ڏکن کان واقف آهين: |
|
| 8 |
|
| تو مون کي دشمن جي هٿ ۾ قيدي نہ ڇڏيو آهي؛ تو منهنجا پير ڪشاديءَ جاءِ تي رکيا آهن. |
|
| 9 |
|
| اي خداوند مون تي رحم ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ڏکن ۾ آهيان: منهنجي اک، بلڪ منهنجي جان ۽ جسم سڀ رنج جي ڪري ڳري ويا آهن. |
|
| 10 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجي حياتي غم ۾، ۽ منهنجي عمر آهون ڀريندي گذري ويئي آهي: منهنجي طاقت منهنجي گناهہ جي ڪري گهٽجي ويئي آهي، ۽ منهنجون هڏيون سڙي سڪي ويون آهن. |
|
| 11 |
|
| آءٌ پنهنجن سڀني دشمنن جي ڪري پنهنجن پاڙيسرين ۾ خوار ٿيو آهيان، جيڪي منهنجا واقف آهن سي مون کان ڊڄن ٿا: ۽ جيڪي مون کي واٽ تي ٿا ڏسن سي مون کان پاسو ٿا ڪن. |
|
| 12 |
|
| مون کي مردي وانگر دل تان لاهي ڇڏيو اٿن: آءٌ ڀڳل ٿانوَ وانگر آهيان. |
|
| 13 |
|
| ڇو جو مون گهڻن کان پنهنجي گلا ٻڌي آهي، هر ڪنهن پاسي مون کي ڊپ آهي: جڏهن اُنهن پاڻ ۾ گڏجي منهنجي برخلاف صلاح ڪئي، تڏهن منهنجي ساهہ ڪڍڻ جو منصوبو رٿيائون. |
|
| 14 |
|
| پر اي خداوند مون توتي ڀروسو رکيو: ۽ چيم تہ تون ئي منهنجو خدا آهين. |
|
| 15 |
|
| منهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن تنهنجي هٿ ۾ آهن: مون کي منهنجي دشمنن ۽ ستائيندڙن کان ڇڏاءِ. |
|
| 16 |
|
| پنهنجي ٻانهي تي پنهنجو منهن چمڪاءِ: ۽ پنهنجيءَ ٻاجهہ جي ڪري مون کي بچائي وٺ. |
|
| 17 |
|
| اي خداوند ائين نہ ٿئي جو آءٌ شرمندو ٿيان، ڇالاءِ جو مون تو کان دعا گهري آهي: پر اُٽلو بڇڙا ماڻهو شرمندا ٿين، ۽ ماٺ ڪري قبر ۾ پيا هجن. |
|
| 18 |
|
| جن جي واتن مان ڪوڙيون ڳالهيون ٿيون نڪرن، ۽ جيڪي راستباز ماڻهوءَ جي برخلاف گستاخيءَ سان، مغروريءَ ۽ نفرت جون ڳالهيون ٿا ڪن، تن کي ماٺ ڪراءِ. |
|
| 19 |
|
| جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي. |
|
| 20 |
|
| تون انهن کي پنهنجيءَ حضوريءَ جي تنبوءَ ۾ انسان جي ٻڌين کان ڍڪيندين: تون ئي اُنهن ماڻهن جي جهيڙن کان تنبوءَ ۾ لڪائي رکندين. |
|
| 21 |
|
| خداوند مبارڪ هجي، ڇو جو هن هڪڙي مضبوط شهر ۾ مون تي عجيب مهرباني ڪئي آهي. |
|
| 22 |
|
| مون تڙ تڪڙ ۾ چيو تہ تو مونکي پنهنجيءَ نظر کان پري ڪيو آهي: پر جڏهن مون توکي پڪاريو تڏهن تو منهنجو عرض ٻڌو. |
|
| 23 |
|
| اي خداوند جا بندا اوهين کيس پيار ڪريو: خداوند ايماندارن کي بچائي ٿو، ۽ مغرورن کي پورو پورو بدلو ڏئي ٿو. |
|
| 24 |
|
| اوهين سڀ جي خداوند ۾ اُميد ٿا رکو، همت جهليو ۽ پنهنجين دلين کي مضبوط ڪريو. |
|
|
|
|