Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن جي خطا معاف ٿي آهي، ۽ جنهن جو گناهہ ڍڪيو ويو آهي. |
| 2 |
| مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جي بڇڙائين جو خداوند حساب نٿو ڪري، ۽ جنهن جي دل ۾ ٺڳي ڪانهي. |
| 3 |
| جڏهن مون ماٺ ڪئي، تڏهن سڄو ڏينهن دانهون ڪندي منهنجون هڏيون ڳري ويون. |
| 4 |
| ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي. |
| 5 |
| مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي. |
| 6 |
| انهي ڪري هرڪو ديندار تنهنجي ملڻ وقت توکان دعا گهرندو: ۽ سچ پچ جڏهن وڏا پاڻي چڙهندا تڏهن انهيءَ تائين ڪين پهچندا. |
| 7 |
| تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين. |
| 8 |
| آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي. |
| 9 |
| اوهين گهوڙي يا خچر وانگي بي سمجهہ نہ ٿيو: جنهن کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجهبي آهي، نہ تہ اُهي تو وٽ ڪين ايندا. |
| 10 |
| بڇڙي ماڻهوءَ تي گهڻيئي مصيبتون اينديون: پر جنهن جو ڀروسو خداوند تي آهي تنهن کي رحمت چوڌاري گهيري ويندي. |
| 11 |
| اوهين جي راستباز آهيو سي خداوند ۾ خوشي ڪريو، ۽ سرها ٿيو، ۽ اوهين جي دل جا سچا آهيو خوشيءَ سان پڪاريو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/032.mp3
150
32