مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي خطا بخش ڪئي ويئي آهي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جو گناهہ معاف ڪيو ويو آهي. |
| 2 |
| اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي بدڪاري خداوند ليکي ۾ نہ ٿو آڻي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جي دل ۾ ڪا ئي ٺڳي ڪانهي. |
| 3 |
| اي خداوند! مون بہ جيستائين تو آڏو پنهنجيون خطائون نہ باسيون، تيستائين سڄو سڄو ڏينهن دانهون ڪندي آءٌ ايترو تہ ڪمزور ٿي ويس، جو ڄڻ منهنجيون هڏيون بہ ڳري ويون. |
| 4 |
| جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي. |
| 5 |
| تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي. |
| 6 |
| اهڙيءَ طرح هر ڪنهن نيڪ بندي کي تنگيءَ جي وقت تي تو کان دعا گھرڻ کپي، تڏهن تڪليفن جو وڏو سيلاب بہ انهن تائين پهچي ڪين سگھندو. |
| 7 |
| اي خداوند! مون کي بہ تون تڪليفن کان بچائين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي جاءِپناهہ تون ئي آهين. تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائين ٿو. |
| 8 |
| تو خداوند مون کي فرمايو تہ ”آءٌ تنهنجي رهنمائي ڪندس، ۽ تو کي هلڻ جو رستو ڏيکاريندس. آءٌ تو کي صلاح ڏيندو رهندس، منهنجي نظر تنهنجي مٿان ئي رهندي. |
| 9 |
| تون گھوڙي ۽ خچر وانگر بيسمجھہ نہ ٿيءُ، جن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ لغام ۽ واڳ وجھبي آهي، تانتہ اهي تابعداريءَ ۾ رهن.“ |
| 10 |
| اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن. |
| 11 |
| سو خداوند جي ڪم کان سرها ٿيو ۽ خوشي ڪريو. هائو، اوهين جيڪي دل جا سچا آهيو سي خوشيون ملهايو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/032.mp3
150
32