|
| 1 |
|
| اي سچارؤ! اوهين خداوند جي لائق سندس واکاڻ ڪريو، اي فرمانبردارؤ! اوهين سندس ڪم تي خوشيون ملهايو. |
|
| 2 |
|
| اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو. |
|
| 3 |
|
| اوهين هن جي لاءِ هڪڙو نئون گيت ڳايو، مهارت سان ساز وڄايو ۽ وڏي آواز سان ڳايو. |
|
| 4 |
|
| بيشڪ خداوند جو فرمان سراسر سچو آهي، جنهن موجب هو سڀيئي ڪم وفا سان پورا ڪري ٿو. |
|
| 5 |
|
| خداوند کي سچائيءَ ۽ انصاف سان پيار آهي. هيءَ سڄي ڌرتي خداوند جي لافاني شفقت سان ڀرپور آهي. |
|
| 6 |
|
| خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. هن جي امر سان آسمانن جي سڄي خلقت پيدا ٿي ويئي. |
|
| 7 |
|
| هو سمنڊ جي پاڻيءَ کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند رکي ٿو، هائو، هو وڏن وڏن بحرن کي سندن مقرر جاءِ ۾ بند رکي ٿو. |
|
| 8 |
|
| شل هن دنيا جا سڀيئي رهاڪو، خداوند جو احترام ۽ تعظيم ڪندا رهن! |
|
| 9 |
|
| بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي. |
|
| 10 |
|
| خداوند قومن جي تجويزن کي باطل ٿو ڪري ڇڏي. هائو، هو ماڻهن جي تدبيرن کي رد ڪري ٿو ڇڏي. |
|
| 11 |
|
| پر خداوند جون تجويزون هميشہ هميشہ تائين قائم رهنديون. سندس رٿيل تدبيرون سڀني پيڙهين تائين قائم رهنديون. |
|
| 12 |
|
| بيشڪ اها قوم سڀاڳي آهي، جنهن جو معبود رڳو خداوند آهي. هن انهيءَ قوم کي پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي. |
|
| 13 |
|
| خداوند مٿان عرش عظيم تان هيٺ نهاري ٿو ڏسي، هن جي نظر کان ڪوبہ بني آدم لڪل نہ ٿو رهي. |
|
| 14 |
|
| هو پنهنجي تخت واريءَ جاءِ تان هيٺ نهاري ٿو. هائو، هو ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن کي نهاري ٿو ڏسي. |
|
| 15 |
|
| جيڪو سڀني انسانن جي دلين جو ٺاهڻ وارو آهي، تنهن کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو ڪو عمل لڪي سگھي ٿو ڇا؟ |
|
| 16 |
|
| ياد رکو، فوج جي گھڻائيءَ سان ڪوبہ بادشاهہ سوڀ ماڻي نہ ٿو سگھي، نڪي گھڻي طاقت جي ڪري ڪوبہ بهادر غالب اچي سگھي ٿو. |
|
| 17 |
|
| سوڀاري ٿيڻ لاءِ جنگي گھوڙو بلڪل اجائي شيءِ آهي. اهو ڪيڏو بہ زور وارو کڻي ڇو نہ هجي، پر سوڀارو ڪري نہ سگھندو. |
|
| 18 |
|
| ڏسو، خداوند جي نظر انهن تي آهي، جيڪي کيس تعظيم ڏين ٿا. بيشڪ جيڪي هن جي رحمت تي اميد رکن ٿا، تن تي ئي سندس نظر آهي. |
|
| 19 |
|
| هائو، اهو خداوند ئي آهي، جيڪو موت کان بہ کين بچايو وٺي، ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ کين جيئرو ٿو رکي. |
|
| 20 |
|
| سو اي خداوند! اسان جي توڪل تو تي آهي، تون ئي اسان جو مددگار ۽ اسان جو محافظ آهين. |
|
| 21 |
|
| تنهنجي ٻاجھہ جي ڪري اسان جون دليون خوش ٿيون رهن، سو تنهنجي پاڪ نالي تي ئي اسان جي توڪل آهي. |
|
| 22 |
|
| اي خداوند! جيئن اسان جي اميد تو ۾ آهي، تيئن ئي شل تنهنجي رحمت اسان تي هجي. |
|
|
|
|