|
| 1 |
|
| آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو. |
|
| 2 |
|
| منهنجي جان خداوند تي فخر ڪندي: نماڻا اهو ٻڌي خوش ٿيندا. |
|
| 3 |
|
| مون سان گڏجي خداوند جي وڏائي ڪريو، اچو تہ سندس نالي جي تعظيم ڪريون. |
|
| 4 |
|
| مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين. |
|
| 5 |
|
| هنن انهي ڏانهن نهاريو ۽ روشنائي حاصل ڪيائون: ۽ سندن منهن ڪڏهن ڦڪا ڪين ٿيندا. |
|
| 6 |
|
| غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين. |
|
| 7 |
|
| جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا تن جي چوڌاري سندس فرشتو تنبو ٿو هڻي، ۽ اُنهن کي ڇڏائي ٿو. |
|
| 8 |
|
| آزمائي ڏسو تہ خداوند ڀلو آهي: مبارڪ آهي اهو ماڻهو جنهن جو ڀروسو مٿس آهي. |
|
| 9 |
|
| اي خداوند جي پاڪ قوم، خداوند کان ڊڄو: ڇو تہ جيڪي کانئس ڊڄن ٿا تن کي ڪابہ گهرج ڪانهي. |
|
| 10 |
|
| شينهن جا ٻچا حاجت مند ۽ بکيا ٿين ٿا: پر جيڪي خداوند جا طالب آهن تن کي ڪنهن بہ نعمت جي گهرج ڪانہ رهندي. |
|
| 11 |
|
| اي ٻارو اچو منهنجي ڳالهہ ٻڌو، آءٌ اوهان کي خداوند جو ڊپ سيکاريندس. |
|
| 12 |
|
| اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو حياتيءَ جي خواهش رکي وڏي عمر ٿو چاهي، انهيءَ لاءِ تہ ڀلائي ڏسي؟ |
|
| 13 |
|
| پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائي کان، ۽ پنهنجي وات کي ٺڳي ڪرڻ کان سنڀال. |
|
| 14 |
|
| بڇڙائيءَ کان پاسو ڪر، ۽ ڀلائي ڪر، صلح جو طالب ٿيءُ، ۽ انهي جي پٺيان لڳو رهہ. |
|
| 15 |
|
| خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن. |
|
| 16 |
|
| خداوند جو منهن بدڪارن جي برخلاف آهي، تہ انهن جي يادگيري زمين تان مٽائي ڇڏي. |
|
| 17 |
|
| راستبازن پڪاريو ۽ خداوند ٻڌو، ۽ انهن کي سندن سڀني تڪليفن کان ڇڏايائين. |
|
| 18 |
|
| جيڪي دل شڪستا آهن تن کي خداوند ويجهو آهي، ۽ جيڪي توبهہ ٿا ڪن تن کي بچائي ٿو. |
|
| 19 |
|
| راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو. |
|
| 20 |
|
| هو انهي جي سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو: تہ متان انهن مان ڪا ڀڄي نہ پوي. |
|
| 21 |
|
| بڇڙائي بدڪار کي قتل ڪندي: ۽ جن کي راستباز کان نفرت آهي سي ڏوهي ٺهرايا ويندا. |
|
| 22 |
|
| خداوند پنهنجي ٻانهن جي جان بچائي ٿو: ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ٿا رکن تن مان ڪوبہ ڏوهي نہ ٺهرائبو. |
|
|
|
|