|
| 1 |
|
| آءٌ خداوند کي هر دم سڳورو چوندو رهندس. منهنجي زبان هر وقت سندس واکاڻ پيئي ڪندي. |
|
| 2 |
|
| هائو، آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. جيڪي بہ ڏکايل آهن سي اها ٻڌي خوش ٿيندا. |
|
| 3 |
|
| اوهين مون سان گڏجي خداوند جي عظمت جو بيان ڪريو. اچو تہ اسين هن جي نالي جي واکاڻ ڪريون. |
|
| 4 |
|
| مون خداوند کان دعا گھري ۽ هن منهنجي ٻڌي آهي. هن مون کي منهنجي سڀني خوفن کان ڇڏائي ورتو آهي. |
|
| 5 |
|
| جيڪي هن تي توڪل ٿا رکن سي سوجھرو حاصل ڪن ٿا، ۽ انهن جا منهن ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ڏسندا. |
|
| 6 |
|
| مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو. |
|
| 7 |
|
| جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن کي سندس ملائڪ هر خطري کان دور ٿو رکي. هو انهن جي چوڌاري پهرو ڏيئي سندن حفاظت ٿو ڪري. |
|
| 8 |
|
| هر طرح سان آزمائي ڏسو تہ خداوند ڪيڏو نہ ڀلو آهي. بيشڪ اهو ماڻهو سڀاڳو آهي جيڪو انهيءَ جي پناهہ ٿو وٺي. |
|
| 9 |
|
| سو اي خداوند جا چونڊيل ٻانهؤ! خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي کانئس ڊپ رکن ٿا تن وٽ ڪا ئي ڪمي نہ آهي. |
|
| 10 |
|
| کاڌي جي ڪميءَ جي ڪري شينهن بہ بکيا رهن ٿا، پر خداوند جا طالبو ڪنهن نعمت جا محتاج نہ ٿيندا. |
|
| 11 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان. |
|
| 12 |
|
| اهڙو ڪوبہ ماڻهو نہ آهي، جيڪو حياتيءَ جي خواهش نہ رکندو هجي. هائو، هر ڪو ماڻهو وڏي عمر ٿو چاهي، تانتہ هو پنهنجي حياتيءَ جو مزو ماڻي سگھي. |
|
| 13 |
|
| سو اوهين پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائيءَ کان روڪيو. اوهين پنهنجي وات کي ٺڳيءَ جي ڳالهين کان باز رکو. |
|
| 14 |
|
| هائو، بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو ۽ سدائين نيڪي ڪندا رهو. اوهين صلح جا طالبو ٿيو ۽ انهيءَ جي پٺيان لڳا رهو. |
|
| 15 |
|
| خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي فرياد تي لڳل ٿا رهن. |
|
| 16 |
|
| خداوند هر بدڪار جو مخالف آهي، تانتہ انهن جي يادگيريءَ کي ڌرتيءَ تان ئي مِٽائي ڇڏي. |
|
| 17 |
|
| جڏهن خداوند جا تابعدار کيس مدد لاءِ پڪارين ٿا، تڏهن هو سندن ٻڌي ٿو، ۽ سڀني تڪليفن کان کين ڇڏائي ٿو وٺي. |
|
| 18 |
|
| خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دلشڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو. |
|
| 19 |
|
| سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو. |
|
| 20 |
|
| خداوند سندن سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو، تانتہ انهن جي ڪابہ هڏي ڀڄي نہ پوي. |
|
| 21 |
|
| پر جن کي سچارن کان نفرت آهي، تن کي ڏوهي قرار ڏنو ويندو. اهي پنهنجي بڇڙائيءَ وسيلي پاڻ ئي قتل ڪيا ويندا. |
|
| 22 |
|
| خداوند پنهنجي ماڻهن جي جان بچائي ٿو وٺي. هائو، اهي ٻانها جيڪي سندس پناهہ ٿا وٺن، تن مان ڪوبہ ڏوهي قرار نہ ڏنو ويندو. |
|
|
|
|