|
| 1 |
|
| اي خداوند جيڪي مون سان جهيڙو ٿا ڪن تن سان تون جهيڙو ڪر: ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن سان وڙهہ. |
|
| 2 |
|
| ڍال ۽ سپر جهلي منهنجي مدد لاءِ اُٿي بيهہ. |
|
| 3 |
|
| ڀالو بہ ڪڍ، ۽ جيڪي منهنجي پٺيان ٿا پون تن جو رستو روڪ: ۽ منهنجيءَ جان کي چئُہ تہ آءٌ تنهنجي نجات آهيان. |
|
| 4 |
|
| جيڪي منهنجو ساهہ ڪڍڻ ٿا گهرن سي شرمندا ۽ خوار ٿين: ۽ جيڪي منهنجا مٺ گهرا آهن سي پٺ تي هٽجي ڦڪا ٿين. |
|
| 5 |
|
| اُهي اهڙا ٿين جيئن واءُ جي اڳيان باهہ، ۽ خداوند جو فرشتو اُنهن کي ڌڪيندو رهي. |
|
| 6 |
|
| انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ خداوند جو فرشتو سندن پٺيان پوي. |
|
| 7 |
|
| ڇالاءِ جو اُنهن بي سبب مون لاءِ کڏ ۾ ڄار لڪايو آهي، ۽ بنا سبب منهنجيءَ جان جي لاءِ کڏ کوٽي اٿن. |
|
| 8 |
|
| شل هو اوچتو ئي برباد ٿئي؛ ۽ جيڪو ڄار هن لڪايو آهي تنهن ۾ پاڻ پوي: ۽ اُنهيءَ ۾ ڦاسي برباد ٿئي. |
|
| 9 |
|
| پر منهنجي جان خداوند ۾ خوش رهندي: ۽ انهي جي نجات ۾ سرهي ٿيندي. |
|
| 10 |
|
| منهنجون سڀ هڏيون چونديون تہ اي خداوند تو جهڙو ڪير آهي، جو غريب کي زوراور جي هٿن مان، بلڪ غريب ۽ محتاج کي ڦر مار ڪندڙ کان ڇڏائي ٿو؟ |
|
| 11 |
|
| ڪوڙا شاهد کڙا ٿا ٿين؛ ۽ جنهن ڳالهہ جي مون کي خبر ئي ڪانهي تنهن بابت مون کان پڇا ٿا ڪن. |
|
| 12 |
|
| اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي. |
|
| 13 |
|
| پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون کٿو ڍڪيو: ۽ مون روزا رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو؛ پر منهنجي دعا ڦري منهنجي سيني ۾ موٽي آئي. |
|
| 14 |
|
| مون هن سان اهڙي هلت ڪئي جو ڄڻ تہ هو منهنجو دوست يا ڀاءُ هو؛ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ماءُ لاءِ ماتم ڪري، تيئن مون ڪنڌ هيٺ ڪري غم ڪيو. |
|
| 15 |
|
| پر جڏهن آءٌ ڪرڻ تي هوس، تڏهن اهي سرها ٿي اچي گڏ ٿيا: اهي ڪميڻا مون تي ميڙ ڪري آيا ۽ مون کي خبر ئي ڪانہ هئي: ۽ اُهي مون کي ڦاڙڻ کان ڪين رهيا. |
|
| 16 |
|
| جيڪي بي دين ماڻهو مجلس ۾ ويهي چرچا ڪندا آهن، تن وانگر اُنهن مون تي پنهنجا ڏند ڪرٽيا. |
|
| 17 |
|
| اي خداوند ڪيستائين تون ڏسندو رهندين؟ منهنجيءَ جان کي انهن جي برباديءَ کان، ۽ منهنجي پياريءَ جان کي شينهن کان بچاءِ. |
|
| 18 |
|
| آءٌ وڏيءَ جماعت ۾ تنهنجي شڪر گذاري ادا ڪندس: ۽ گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ تنهنجي تعريف ڪندس. |
|
| 19 |
|
| ائين نہ ٿئي تہ جيڪي ناحق منهنجا دشمن آهن سي مون تي خوش ٿين: ۽ جيڪي بي سبب مون سان نفرت ٿا رکن سي مون تي اکيون ڀڃن. |
|
| 20 |
|
| ڇو جو اهي صلح جون ڳالهيون نٿا ڪن: پر جيڪي ملڪ ۾ صلح پسند آهن تن تي ٺڳيءَ جون رٿون ٿا رٿين. |
|
| 21 |
|
| اهي منهنجي برخلاف وات ڦاڙي چوڻ لڳا تہ آها، آها؛ اسان پنهنجين اکين سان اهو ڏٺو. |
|
| 22 |
|
| اي خداوند تو پاڻ اهو ڏٺو آهي؛ خاموش نہ رهہ: اي خداوند مون کان پري نہ رهہ. |
|
| 23 |
|
| اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا، اُٿ ۽ منهنجي انصاف لاءِ، بلڪ منهنجي معاملي لاءِ سجاڳ ٿي. |
|
| 24 |
|
| اي خداوند منهنجا خدا، پنهنجيءَ راستبازيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر؛ ۽ انهن کي مون تي خوش ٿيڻ نہ ڏي. |
|
| 25 |
|
| ائين نہ ٿئي تہ اهي پنهنجي دل ۾ چون تہ واهہ واهہ، اسان اهو ئي ٿي گهريو: ۽ ائين نہ چون تہ اسان هن کي ڳڙڪائي ڇڏيو. |
|
| 26 |
|
| جيڪي منهنجي نقصان ڪري خوش ٿا ٿين سي سڀ گڏجي شرمائجن ۽ منجهي پون: ۽ جيڪي منهنجي برخلاف پاڻ کي پڏائين ٿا، سي شرم ۽ خواريءَ ۾ ٻڏن. |
|
| 27 |
|
| جيڪي منهنجي سچي معاملي جو پاسو ٿا وٺن، سي خوشيءَ سان پڪارين ۽ سرها ٿين: ۽ سدائين چوندا رهن تہ خداوند جي تمجيد هجي، جو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ ۾ خوش آهي. |
|
| 28 |
|
| ۽ منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجيءَ راستبازيءَ ۽ تنهنجيءَ تعريف جو بيان ڪندي رهندي. |
|
|
|
|