Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ ڪري منهنجي دل چوي ٿي، تہ سندس نظر ۾ خدا جو ڊپ ڪونهي. |
| 2 |
| ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي. |
| 3 |
| انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي. |
| 4 |
| هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري. |
| 5 |
| اي خداوند تنهنجي ٻاجهہ آسمانن ۾ آهي: ۽ تنهنجي سچائي جهان ۾ پکڙيل آهي. |
| 6 |
| تنهنجي راستبازي خدا جي جبلن جهڙي آهي؛ ۽ تنهنجا فيصلا تمام اونها آهن: اي خداوند، تون ماڻهن ۽ جانورن جو سنڀاليندڙ آهين. |
| 7 |
| اي خدا تنهنجي ٻاجهہ ڪهڙي نہ قيمتي آهي! ۽ بني آدم تنهنجن پرن جي هيٺ اَجهو ٿا وٺن. |
| 8 |
| اهي تنهنجي گهر جون نعمتون کائي ڍءُ ڪندا: ۽ تون اُنهن کي پنهنجين خوشين جي نديءَ مان پياريندين. |
| 9 |
| ڇو جو تو وٽ زندگيءَ جو چشمو آهي: ۽ اسين تنهنجي سوجهري ۾ سوجهرو ڏسنداسين. |
| 10 |
| جيڪي توکي سڃاڻن ٿا تن تي پنهنجي ٻاجهہ ڪندو رهہ: ۽ جيڪي دل جا سچار آهن تن کي پنهنجي راستبازي ڏيندو رهہ. |
| 11 |
| ائين نہ ٿئي جو مغرور ماڻهو مون تي لت کڻي، ۽ بڇڙن جو هٿ مون کي لوڌي ڪڍي. |
| 12 |
| بدڪار اُتي ئي ڪِريا پيا آهن: اهي ڌڪجي ويا آهن ۽ وري اُٿي ڪين سگهندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/036.mp3
150
36