|
| 1 |
|
| بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر. |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو اُهي گاهہ وانگي سگهو ئي وڍجي ويندا، ۽ سائي ٻوٽي وانگر ڪومائجي ويندا. |
|
| 3 |
|
| تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل. |
|
| 4 |
|
| خداوند ۾ خوش رهہ؛ ۽ هو تنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪندو. |
|
| 5 |
|
| پنهنجون واٽون خداوند جي حوالي ڪر؛ ۽ مٿس ڀروسو رک، هو پاڻيهي تنهنجو مطلب پورو ڪندو. |
|
| 6 |
|
| هو تنهنجي راستبازي سوجهري وانگي ظاهر ڪندو، ۽ تنهنجو انصاف ٻنپهرن جي روشنيءَ وانگر چمڪندو. |
|
| 7 |
|
| خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر. |
|
| 8 |
|
| ۽ غصي کان پاسو ڪر، ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏي: پاڻ کي خفي نہ ڪر. انهيءَ ۾ برائي آهي. |
|
| 9 |
|
| ڇالاءِ جو بدڪار تباهہ ٿي ويندا: پر جيڪي خداوند جا منتظر آهن سي زمين جا وارث ٿيندا. |
|
| 10 |
|
| ڇو جو ٿوري دير کان پوءِ بدڪار هوندو ئي ڪونہ: تون انهي جي جاءِ ۾ چتائي نهاريندين پر هو هوندو ئي ڪين. |
|
| 11 |
|
| پر حليم ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ ججهي سلامتيءَ جي ڪري سرها ٿيندا. |
|
| 12 |
|
| بدڪار ماڻهو سچار جي برخلاف منصوبو ٿو رِٿي، ۽ مٿس ڏند ٿو ڪرٽي. |
|
| 13 |
|
| خداوند اُنهي تي کلندو: ڇو جو هو ڏسي ٿو تہ انهي جو ڏينهن اچي پهتو آهي. |
|
| 14 |
|
| بدڪارن ترار ڪڍي آهي، ۽ پنهنجون ڪمانون ڪشيون اٿن؛ انهي لاءِ تہ غريبن ۽ محتاجن کي ڪيرائي ڇڏين، ۽ چڱيءَ چال وارن کي قتل ڪن. |
|
| 15 |
|
| انهن جي ترار سندين ئي دلين ۾ گهڙي ويندي، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پونديون. |
|
| 16 |
|
| راستباز ماڻهوءَ وٽ جيڪي ٿورو آهي سو بڇڙن جي گهڻي دولت کان چڱو آهي. |
|
| 17 |
|
| ڇالاءِ جو بدڪارن جون ٻانهون ڀڄي پونديون: پر خداوند راستباز کي سنڀالي ٿو. |
|
| 18 |
|
| خداوند کي ڪامل ماڻهوءَ جي ڏينهن جي خبر آهي: ۽ انهن جي ميراث هميشہ لاءِ رهندي. |
|
| 19 |
|
| اهي ڏکئي وقت شرمندا ڪين ٿيندا ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڍاول رهندا. |
|
| 20 |
|
| پر بڇڙا ماڻهو برباد ٿي ويندا، ۽ خداوند جا دشمن ساوڪ ۽ گاهہ وانگر نابود ٿي ويندا؛ اهي دونهين وانگر اُڏامي ويندا. |
|
| 21 |
|
| بدڪار اُڌارو وٺي وري موٽائي نٿو ڏئي، پر راستباز رحمدل ٿي ڏئي ٿو. |
|
| 22 |
|
| ڇو تہ جن تي هن جي برڪت آهي سي زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ جن تي سندس لعنت آهي سي تباهہ ٿي ويندا. |
|
| 23 |
|
| جڏهن ماڻهوءَ جي واٽ خداوند کي وڻي ٿي: تڏهن هو انهي جي چال کي قائم ٿو ڪري. |
|
| 24 |
|
| جيتوڻيڪ هو ڪري پوي تڏهن بہ هو اُتيئي پيو ڪين رهندو: ڇالاءِ جو خداوند هن کي هٿ ڏيئي سنڀالي وٺندو. |
|
| 25 |
|
| آءٌ جوان هوس ۽ هاڻي ٻڍو ٿيو آهيان؛ پر تڏهن بہ راستباز کي بيوس، ۽ سندس اولاد کي ٽڪر پنندو ڪونہ ڏٺو اٿم. |
|
| 26 |
|
| هو سارو ڏينهن رحم ڪري قرض ٿو ڏئي؛ ۽ هن جي اولاد کي برڪت ٿي ملي. |
|
| 27 |
|
| بڇڙائيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ نيڪي ڪر؛ تہ تون سدائين قائم رهندين. |
|
| 28 |
|
| ڇو جو خداوند کي انصاف وڻي ٿو، ۽ هو پنهنجن مقدسن کي ڇڏي نٿو ڏئي؛ اهي هميشہ مضبوط آهن؛ پر بڇڙن جو نسل تباهہ ٿي ويندو. |
|
| 29 |
|
| راستباز ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا، ۽ سدائين منجهس رهندا. |
|
| 30 |
|
| راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري. |
|
| 31 |
|
| هنجي خدا جي شريعت سندس دل ۾ آهي؛ هن جو پير ڪڏهن ڪين ترڪندو. |
|
| 32 |
|
| بڇڙو ماڻهو سچار جو وجهہ پيو ڳولي تہ کيس قتل ڪري. |
|
| 33 |
|
| خداوند هن کي انهي جي هٿ ۾ ڪين ڇڏيندو، ۽ جڏهن هنجي عدالت ٿيندي تڏهن کيس ڏوهي ڪين ٺهرائيندو. |
|
| 34 |
|
| خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين. |
|
| 35 |
|
| مون بدڪار کي ڏاڍو زور وٺندو ڏٺو، جهڙو ڀليءَ زمين ۾ لڳل سائو وڻ؛ |
|
| 36 |
|
| پر جڏهن ڪو ماڻهو اتان لنگهيو، تڏهن اُهو هو ئي ڪين؛ مون سندس ڳولا ڪئي، پر هو لڌو ئي ڪونہ. |
|
| 37 |
|
| ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي. |
|
| 38 |
|
| پر بدڪار هيڪاندا برباد ٿيندا؛ بڇڙن جي پڇاڙيءَ ۾ تباهي آهي. |
|
| 39 |
|
| راستبازن جي نجات خداوند جي طرفان آهي: ۽ مصيبت جي وقت اهو ئي سندس مضبوط قلعو آهي. |
|
| 40 |
|
| خداوند انهن جي مدد ٿو ڪري، ۽ کين بچائي ٿو: هو کين بڇڙن کان بچائي ڇوٽڪارو ٿو ڏئين، ڇالاءِ جو انهن منجهس پناهہ ورتي آهي. |
|
|
|
|