|
| 1 |
|
| اي خداوند پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ مونکي نہ ڇينڀ: نڪي پنهنجي غصي ۾ مون کي سزا ڏي. |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو مون کي تنهنجا تير لڳا آهن، ۽ تنهنجو هٿ مون کي زور سان ٿو دٻائي. |
|
| 3 |
|
| تنهنجي غصي جي ڪري منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي؛ نڪي منهنجي گناهہ جي ڪري منهنجي هڏن ۾ آرام آهي. |
|
| 4 |
|
| ڇو تہ منهنجون برايون مون تي چڙهي ويون آهن؛ ۽ اُهي ڳوري بار وانگر آهن جو آءٌ کڻي نٿو سگهان. |
|
| 5 |
|
| منهنجي بيوقوفيءَ جي ڪري، منهنجا ڦٽ ڪنا ٿي پيا آهن، ۽ منجهانئن بانس ٿي اچي. |
|
| 6 |
|
| آءٌ ڏکي آهيان، ۽ ڏاڍو جهڪي پيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن روئندو وتان. |
|
| 7 |
|
| ڇو جو منهنجي چيلهہ پيئي ٻري؛ ۽ منهنجي جسم ۾ صحت ڪانهي. |
|
| 8 |
|
| آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان. |
|
| 9 |
|
| اي خداوند منهنجون سڀ مرادون تنهنجي اڳيان آهن؛ ۽ منهنجي ڪنجهڪار تو کان لڪل نہ آهي. |
|
| 10 |
|
| منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ٿي ڪري، ۽ طاقت گهٽبي ٿي وڃي؛ منهنجين اکين جو سوجهرو بہ مون وٽان هليو ويو آهي. |
|
| 11 |
|
| منهنجا پيارا ۽ دوست منهنجيءَ آفت جي وقت مون کان پري ٿي بيٺا آهن؛ ۽ منهنجا مٽ مائٽ ڏور ٿي بيٺا آهن. |
|
| 12 |
|
| جيڪي منهنجيءَ جان جي پٺيان آهن، سي مون لاءِ ڦندا ٿا وڇائين، ۽ جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين سي حرڪت جهڙيون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ سڄو ڏينهن ٺڳيءَ جا پهہ پيا پچائين. |
|
| 13 |
|
| پر آءٌ ٻوڙي ماڻهوءَ وانگر انهن جي نٿو ٻڌان؛ ۽ گونگي وانگيان پنهنجو وات نٿو پٽيان. |
|
| 14 |
|
| بلڪ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جو نٿو ٻڌي، ۽ جو ڏوراپا نٿو ڏئي. |
|
| 15 |
|
| ڇالاءِ جو اي خداوند مون کي تو ۾ اُميد آهي؛ ۽ اي خداوند منهنجا خدا تون منهنجي ٻڌندين. |
|
| 16 |
|
| ڇالاءِ جون مون چيو تہ ائين نہ ٿئي تہ اهي مون تي کلن؛ ۽ جڏهن منهنجو پير ترڪي تڏهن اهي مون تي پاڻ کي پڏائين. |
|
| 17 |
|
| جو آءٌ ڪرڻ تي آهيان، ۽ منهنجو غم هميشہ منهنجي سامهون آهي. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي بڇڙائي ظاهر ڪندس؛ ۽ پنهنجي گناهہ ڪري پشيمان ٿيندس. |
|
| 19 |
|
| پر منهنجا دشمن چالاڪ ۽ زوراور آهن: ۽ جيڪي ناحق مون سان عداوت ٿا رکن سي وڌي ويا آهن. |
|
| 20 |
|
| جيڪي نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن سي منهنجا دشمن آهن، ڇو جو آءٌ نيڪيءَ جي پيروي ٿو ڪريان. |
|
| 21 |
|
| اي خداوند مونکي ڇڏي نہ ڏي: اي منهنجا خدا مون کان پري نہ ٿيءُ. |
|
| 22 |
|
| اي خداوند، اي منهنجي نجات، جلد منهنجي مدد ڪر. |
|
|
|
|