Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| مون چيو تہ آءٌ پنهنجين واٽن جي خبرداري ڪندس، تہ منهنجيءَ زبان سان ڪو گناهہ نہ ٿئي: جيسين بدڪار منهنجي اڳيان هوندو، تيسين آءٌ پنهنجو وات ڄڻ لغام سان روڪيندس. |
| 2 |
| آءٌ گونگو ٿي ماٺ ڪري ويٺس، چڱي ڳالهہ چوڻ کان بہ بس ڪيم؛ تہ بہ منهنجو غم وري تازو ٿيو. |
| 3 |
| منهنجي دل اندر ئي اندر تپي ويئي؛ ۽ خيال ڪندي ڪندي منهنجي اندر ۾ اچي باهہ ٻري؛ تڏهن مون پنهنجيءَ زبان سان چيو تہ: |
| 4 |
| اي خداوند مون کي ٻڌاءِ تہ منهنجي پڄاڻي ڪڏهن ٿيندي، ۽ باقي منهنجا ڏينهن ڪيترا آهن؛ مون کي سمجهاءِ تہ آءٌ ڪهڙو نہ بي بقا آهيان. |
| 5 |
| ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي. |
| 6 |
| بيشڪ هرڪو ماڻهو اجائي ڏيک سان ٿو هلي: ۽ اجايو بي آرام ٿو ٿئي: هو مال گڏ ٿو ڪري ۽ خبر ڪانہ اٿس تہ اُهو ڪنهن کي ملندو. |
| 7 |
| هاڻي اي خداوند آءٌ ڪنهن جي واٽ نهاريان ۽ انتظار ڪريان؟ مون کي تنهنجي ئي اميد آهي. |
| 8 |
| مون کي منهنجن سڀني گناهن کان ڇڏاءِ، ائين نہ ڪر تہ بي عقل مونکي طعنا هڻن. |
| 9 |
| آءٌ گونگو ٿي رهيس، مون پنهنجو وات نہ پٽيو؛ ڇو جو تو ئي ائين ڪيو آهي. |
| 10 |
| پنهنجي آفت مون کان پري ڪر؛ آءٌ تنهنجي هٿ جي ڌڪ کان نابود ٿو ٿيان. |
| 11 |
| جڏهن تون ماڻهوءَ کي بڇڙائيءَ جي ڪري ڇينڀي سيکت ٿو ڏين، تڏهن تون انهي جي سونهن پتنگ وانگر نابود ڪريو ڇڏين: سچ پچ سڀڪو ماڻهو فاني آهي. |
| 12 |
| اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي دانهن تي ڪن ڏي، منهنجي روئڻ تي ماٺ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي حضور ۾ پرديسي ۽ پنهنجن سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان. |
| 13 |
| پنهنجو هٿ مون کان جهل تہ آءٌ ساهہ پٽيان، انهي کان اڳي تہ آءٌ هتان هليو وڃان ۽ فنا ٿي وڃان. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/039.mp3
150
39