Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي منهنجيءَ راستبازيءَ جا خدا، جڏهن آءٌ پڪاريان، تڏهن مون کي جواب ڏي؛ تو مونکي مشڪلات جي وقت ڇڏايو آهي: مون تي رحم ڪر ۽ منهنجي دعا ٻڌ. |
| 2 |
| اي آدمزادا، اوهين ڪيستائين منهنجي جلال جي بيعزتي ڪندا؟ ڪيستائين بيهودگيءَ کي چاهيندا، ۽ ڪوڙ کي ڳوليندا؟ |
| 3 |
| پر ڄاڻي وٺو تہ خداوند ديندار کي پنهنجي لاءِ چونڊي رکيو آهي؛ جڏهن آءٌ خداوند کي پڪاريندس، تڏهن هو منهنجي ٻڌندو. |
| 4 |
| ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو. |
| 5 |
| راستبازيءَ جون قربانيون چاڙهيو، ۽ خداوند تي ڀروسو رکو. |
| 6 |
| گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ. |
| 7 |
| جيڪا خوشي انهن کي سندن اَن ۽ مئي جي واڌاري مان حاصل ٿي ٿئي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجي دل ۾ وڌي آهي. |
| 8 |
| آءٌ بي فڪر ٿي ليٽندس ۽ ننڊ ڪندس ڇالاءِ جو رڳو تون ئي، اي خداوند، مونکي سلامتيءَ ۾ ٿو رکين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/004.mp3
150
4