Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| مبارڪ آهي اهو ماڻهو جيڪو غريب جو خيال ٿو رکي: خداوند ان کي مصيبت جي وقت ڇڏائيندو. |
| 2 |
| خداوند انهي جي سنڀال ڪندو، ۽ کيس جيئرو رکندو، هو زمين تي مبارڪ ٿيندو؛ تون انهي کي سندس دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ. |
| 3 |
| خداوند بيماريءَ جي وقت سندس سار لهندو: تون انهي جي بيماريءَ جي بستري کي بدلي برابر ڪندين. |
| 4 |
| مون چيو تہ اي خداوند، مون تي رحم ڪر: منهنجيءَ جان کي شفا ڏي؛ ڇو جو مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي. |
| 5 |
| منهنجا دشمن منهنجي ڳولا ٿا ڪن، ۽ چون ٿا، تہ هيءُ ڪڏهن مرندو، ۽ هن جو نالو ڪڏهن ميٽجي ويندو. |
| 6 |
| جيڪڏهن اهو مون کي گڏجڻ ٿو اچي، تہ اجايون ڳالهيون ٿو ڪري؛ هو پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿو گڏ ڪري: ۽ ٻاهر وڃي انهيءَ جو ذڪر ٿو ڪري. |
| 7 |
| جن کي مون سان عداوت آهي سي پاڻ ۾ سُس پُس ٿا ڪن: ۽ مون کي نقصان رسائڻ لاءِ رِٿون پيا رِٿين. |
| 8 |
| ۽ چون ٿا تہ هن کي بري بيماري لڳي آهي: هينئر هو ليٽيو آهي سو وري ڪين اُٿندو. |
| 9 |
| منهنجو گهرو دوست، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجي ماني کاڌي، تنهن منهنجي برخلاف لت کنئي آهي. |
| 10 |
| پر اي خداوند تون مون تي رحم ڪري مون کي اُٿاري کڙو ڪر، تہ آءٌ انهن کان بدلو وٺان. |
| 11 |
| منهنجو دشمن مون تي فتح نٿو پائي، تنهن مان آءٌ سمجهان ٿو تہ تون مون کان خوش آهين. |
| 12 |
| تون ئي مون کي منهنجيءَ سچائيءَ ۾ قائم ٿو رکين، ۽ مون کي هميشہ پنهنجي حضور ۾ ٿو رکين. |
| 13 |
| شل خداوند اسرائيل جو خدا، ازل کان وٺي ابد تائين مبارڪ هجي. آمين. آمين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/041.mp3
150
41