مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| سڀاڳا آهن اهي ماڻهو، جيڪي هيڻن جي سار لهن ٿا. انهن کي مصيبت جي وقت تي خداوند ڇڏائيندو. |
| 2 |
| خداوند سندن حفاظت ڪندو ۽ حياتي بچائيندو. هو کين سندن ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندو، ۽ سندن دشمنن جي مرضيءَ تي کين هرگز نہ ڇڏيندو. |
| 3 |
| بيماريءَ جي وقت تي خداوند انهن جي سار لهندو. هائو، بيماريءَ جي بستري تي هو کين تندرستي بخشيندو. |
| 4 |
| آءٌ دعا ٿو گھران تہ ”اي خداوند! بيشڪ مون تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، پر تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي شفا بخش.“ |
| 5 |
| منهنجا دشمن ساڙ منجھان مون لاءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ ”ڪڏهن هن تي موت ايندو، ۽ ڪڏهن سندس نالو ميٽجي ويندو؟“ |
| 6 |
| جيڪي بہ منهنجي عيادت لاءِ اچن ٿا، سي رياڪاريءَ واريون ڳالهيون ٿا ڪن. هو پنهنجيءَ دل ۾ بدنيتيءَ واريون ڳالهيون رٿي ٻاهر وڃي اهي ماڻهن کي ٻڌائين ٿا. |
| 7 |
| جن کي مون سان عداوت آهي سي پاڻ ۾ سُس پُس پيا ڪن. اهي مون بابت تمام بريون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن، |
| 8 |
| ۽ چوندا ٿا وتن تہ ”هن کي بري بيماري لڳي آهي، سو هاڻي جو هي ليٽيو آهي تہ وري ڪڏهن ڪين اٿندو.“ |
| 9 |
| منهنجو اهو گَهرو دوست پڻ، جنهن تي منهنجو ڀروسو هو، ۽ جنهن منهنجو نمڪ کاڌو هو سو بہ منهنجي خلاف ٿيو آهي. |
| 10 |
| پر اي خداوند! تون مون تي رحم ڪر، ۽ مون کي اُٿاري کڙو ڪر، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ پنهنجي دشمنن کان بدلو وٺان. |
| 11 |
| جڏهن منهنجا دشمن مون کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندا، تڏهن آءٌ ڄاڻي وٺندس تہ تون سچ پچ مون سان راضي آهين. |
| 12 |
| تون مون کي منهنجي سچائيءَ تي قائم رکين ٿو. تون ئي مون کي پنهنجي حضور ۾ هميشہ قائم رکندين. |
| 13 |
| شل خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي! ازل کان وٺي ابد تائين شال سندس واکاڻ هجي! آمين، ثم آمين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/041.mp3
150
41