Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا جيئن هرڻي پاڻيءَ جي چشمن لاءِ سڪي ٿي، تيئن منهنجي جان بہ تو لاءِ پيئي سڪي. |
| 2 |
| منهنجي جان خدا لاءِ يعني زندہ خدا لاءِ اُڃايل آهي: آءٌ ڪڏهن وڃي خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندس. |
| 3 |
| منهنجا لڙڪ ڏينهن رات منهنجو کاڌو ٿي رهيا آهن، ۽ هو مون کي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ |
| 4 |
| جڏهن آءٌ اهي ڳالهيون ياد ٿو ڪريان، تہ ڪيئن جماعت خوشيءَ ۽ تعريف جي آواز سان وڏو ڏينهن ٿي ملهايو، جنهن جماعت سان گڏجي آءٌ خدا جي گهر ۾ ويندو هوس، تڏهن منهنجي جان فڪرمند ٿي ٿئي. |
| 5 |
| اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس. |
| 6 |
| اي منهنجا خدا منهنجي جان مون ۾ ڍرڪي پيئي آهي: تنهن ڪري آءٌ يردن جي ملڪ مان، ۽ حرمون ۽ مصغار جي جبل تان توکي ياد پيو ڪريان. |
| 7 |
| تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن. |
| 8 |
| تڏهن بہ خداوند ڏينهن جو پنهنجي ٻاجهہ فرمائيندو، ۽ رات جو آءٌ سندس گيت يعني پنهنجيءَ حياتيءَ جي خدا کان دعا گهرندس. |
| 9 |
| خدا جو منهنجو ٽڪر آهي، تنهن کي آءٌ چوندس تہ تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمن جي ظلم جي ڪري ماتم پيو ڪريان؟ |
| 10 |
| جڏهن منهنجا دشمن مون کي طعنا هڻي سڄو ڏينهن پيا چون تہ تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ تڏهن ڄڻ تہ منهنجين هڏين ۾ ترار ٿي چُڀي. |
| 11 |
| اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/042.mp3
150
42