|
| 1 |
|
| منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي: جيڪي مون بادشاهہ جي بابت ٺاهيو آهي تنهنجو آءٌ بيان ٿو ڪريان: منهنجي زبان هڪڙي قابل ڪاتب جو قلم آهي. |
|
| 2 |
|
| بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي. |
|
| 3 |
|
| اي پهلوان، تنهنجي ترار جا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي، سا پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ. |
|
| 4 |
|
| سچائي، حلم، ۽ راستبازي جي شوڪت سان سواري ڪري اقبال مند ٿيءُ: ۽ تنهنجو ساڄو هٿ توکي هيبتناڪ ڪم سيکاريندو. |
|
| 5 |
|
| تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون. |
|
| 6 |
|
| اي خدا تنهنجو تخت هميشہ تائين قائم آهي: صداقت جو عصو تنهنجي بادشاهيءَ جو عصو آهي. |
|
| 7 |
|
| تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي. |
|
| 8 |
|
| تنهنجي سڀني ڪپڙن مان، مُر ۽ عود، ۽ املداس جي خوشبوءِ پيئي اچي: عاج جي محلاتن ۾ تنبورن جي وڄڻ ڪري تون خوش آهين. |
|
| 9 |
|
| شهزاديون تنهنجين آبرودار زالن ۾ آهن: ۽ اوفير جي سون سان سينگاريل راڻي تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي. |
|
| 10 |
|
| اي ڌيءَ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌ ۽ غور ڪر؛ پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جو گهر وساري ڇڏ. |
|
| 11 |
|
| پوءِ بادشاهہ تنهنجيءَ سونهن تي سڪندو: هو تنهنجو ڌڻي آهي؛ تون کيس سجدو ڪر. |
|
| 12 |
|
| صور جي ڌيءَ نذرانو آڻي اتي حاضر ٿيندي؛ ۽ قوم جا دولتمند ماڻهو تنهنجي نوازش گهرندا. |
|
| 13 |
|
| بادشاهہ جي ڌيءَ محلات ۾ بلڪل شان واري آهي: سندس ڪپڙن تي سون جو ڀرت آهي. |
|
| 14 |
|
| هن کي ڀرت واري پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ وٽ آڻيندا: ۽ هن جون ڪنواريون سهيليون جي سندس پٺيان پٺيان ٿيون هلن تن کي تو وٽ وٺي ايندا. |
|
| 15 |
|
| هو انهن کي ڏاڍي خوشيءَ ۽ سرهائيءَ سان آڻيندا: اُهي بادشاهہ جي محلات ۾ داخل ٿينديون. |
|
| 16 |
|
| تنهنجا ٻار تنهنجي ابن ڏاڏن جي جاءِ تي ايندا، تون انهن کي ساري زمين تي سردار مقرر ڪندين. |
|
| 17 |
|
| منهنجي وسيلي سڀني پيڙهين ۾ تنهنجو نالو ياد رهندو: انهي ڪري قومون هميشہ تنهنجا ٿورا مڃينديون. |
|
|
|
|