|
| 1 |
|
| منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي. |
|
| 2 |
|
| اي بادشاهہ! بني آدم ۾ تون سڀني کان سهڻو آهين. تنهنجي زبان لطافت سان ڀرپور آهي، جنهن ڪري خدا هميشہ جي لاءِ تو کي برڪت وارو بڻايو آهي. |
|
| 3 |
|
| اي زور وارا! تون پنهنجي تلوار پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ، جيڪا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي. |
|
| 4 |
|
| سچائيءَ ۽ حلم ۽ انصاف جي خاطر، تون پنهنجي شان وَ شوڪت ۽ فتحمنديءَ سان سوار ٿيءُ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان هيبتناڪ ڪم ڏيکار. |
|
| 5 |
|
| تو بادشاهہ جا تير تکا آهن، سو اهي پنهنجي دشمنن جي دلين ۾ هڻي ڪڍ، تانتہ سڀيئي قومون اچي تنهنجي پيرن ۾ ڪِرن. |
|
| 6 |
|
| تنهنجي تخت کي خدا هميشہ هميشہ لاءِ قائم ڪيو آهي. تنهنجي شاهي لٺ عدل وَ انصاف واري لٺ آهي. |
|
| 7 |
|
| تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي. |
|
| 8 |
|
| تنهنجي شاهي لباس مان مُر، عود ۽ املداس جي خوشبوءِ پئي اچي. عاج سان سينگاريل محلاتن اندر تار وارن سازن جو آواز تو کي خوشي ڏئي ٿو. |
|
| 9 |
|
| تنهنجي درٻار جي عورتن ۾ بادشاهزاديون پڻ آهن. نج سون سان سينگاريل تنهنجي ڪنوار تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي. |
|
| 10 |
|
| اي بادشاهہ جي ڪنوار! اي منهنجي ڌيءَ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هائو، تون غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌ. تون پنهنجي قوم ۽ پنهنجي پيءُ جي گھر کي وساري ڇڏ. |
|
| 11 |
|
| جيئن تہ بادشاهہ تنهنجو ڌڻي آهي، سو تو کي سندس فرمانبرداري ڪرڻ کپي. هو تنهنجي سونهن جو مشتاق ٿيندو. |
|
| 12 |
|
| صور شهر جا باشندا نذرانا آڻي تو آڏو حاضر ٿيندا، بلڪ قومن جا دولتمند ماڻهو تنهنجي حمايت جا طالبو ٿيندا. |
|
| 13 |
|
| بيشڪ بادشاهہ جي ڪنوار، جيڪا محلات جي اندر پنهنجي ڪمري ۾ آهي، سا ڪيڏي نہ حسنسراپا آهي! کيس شاديءَ جي زربفت پوشاڪ پهريل آهي. |
|
| 14 |
|
| کيس ڀرت ڀريل پوشاڪ ڍڪائي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ٿو وڃي. سندس پٺيان جيڪي نوجوان سهيليون آهن، سي بہ ساڻس گڏ اچن ٿيون. |
|
| 15 |
|
| جڏهن اهي بادشاهہ جي محل ۾ داخل ٿين ٿيون، تڏهن هر ڪو نهايت خوش ۽ سرهو ڏسڻ ۾ پيو اچي. |
|
| 16 |
|
| اي بادشاهہ! تنهنجي ابن ڏاڏن جي جاءِ تي تنهنجا پٽ تختنشين ٿيندا. تون انهن کي روءِزمين تي سردار مقرر ڪندين. |
|
| 17 |
|
| منهنجي گيت جي وسيلي تنهنجو نالو سڀني پيڙهين تائين ياد رهندو، انهيءَ ڪري قومون سدائين تنهنجي واکاڻ ڪنديون رهنديون. |
|
|
|
|