مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي. |
| 2 |
| تنهنڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي، توڙي ڌرتي ڌڏي اٿلي پوي يا جبل سمنڊ جي تري ۾ وڃي پون، |
| 3 |
| توڙي سمنڊ جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ ڇوليون هڻي، ۽ انهن جي ٽڪرائجڻ سان جبل لڏي وڃن. |
| 4 |
| هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي. |
| 5 |
| خدا انهيءَ شهر جي وچ ۾ آهي، سو ان کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو. هو سوير پرهہ ڦٽڻ سان ئي ان جي اچي مدد ڪندو. |
| 6 |
| جڏهن خدا جو آواز گونجي ٿو، تڏهن قومن ۾ دهشت اچي پوي ٿي، بادشاهتن ۾ لوڏو اچي ٿو ۽ زمين ڳري وڃي ٿي. |
| 7 |
| قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي. |
| 8 |
| اچو، اوهين اچي ڏسو تہ خداوند ڇا ڇا ڪيو آهي. ڌرتيءَ تي هُن ڪهڙا ڪهڙا نہ عجائبات ڏيکاريا آهن. |
| 9 |
| هو پوريءَ دنيا ۾ جنگيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هائو، هو تيرڪمان ڀڃي ڇڏي ٿو، ڀالن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڍالن کي پڻ باهہ ۾ ساڙي ڇڏي ٿو. |
| 10 |
| خدا حڪم ٿو فرمائي تہ ”جنگ بند ڪريو. ڄاڻي ڇڏيو تہ آءٌ ئي خدا آهيان، جيڪو قومن ۾ سربلند ۽ سڄيءَ دنيا ۾ اعليٰ آهيان.“ |
| 11 |
| قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/046.mp3
150
46