مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| خداوند عظيم ۽ وڏيءَ ساراهہ جي لائق آهي. اسان جي خدا جو شهر، جيڪو سندس مقدس جبل تي آهي، |
| 2 |
| سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي. |
| 3 |
| انهيءَ شهر جي ڪوٽن اندر، خدا پاڻ کي جاءِپناهہ ثابت ڪيو آهي. |
| 4 |
| ياد ڪريو تہ قومن جا بادشاهہ اچي پاڻ ۾ گڏ ٿيا هئا، ۽ صيئون جبل تي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيا هئا. |
| 5 |
| پر پوءِ خدا جي قدرت جو ڏٺائون تہ کين ڏاڍي حيرت وٺي ويئي. کين اهڙي دهشت وٺي ويئي جو سڀيئي اتان وٺي ڀڳا. |
| 6 |
| اتي جو اتي کين ڏڪڻيءَ اچي ورتو، ۽ کين اهڙا سور اچي لڳا، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي لڳندا آهن. |
| 7 |
| بيشڪ خدا اوڀر وارو اهڙو خوفناڪ طوفان آهي، جيڪو ترسيس جي عظيم سامونڊي جهازن کي بہ ڀڃيو ڇڏي. |
| 8 |
| قادرِمطلق خداوند جي شهر ۾ جهڙا عجيب ڪم اسان ٻڌا هئا، تهڙا ئي عجيب ڪم اتي اسان کي ڏسڻ ۾ آيا. بيشڪ خدا انهيءَ شهر کي هميشہ تائين قائم رکندو. |
| 9 |
| اي خدا! تنهنجي هيڪل جي اندر اچي اسان تنهنجي دائمي شفقت تي غور ڪيو آهي. |
| 10 |
| اي خدا! جهڙو تنهنجو نالو آهي، تهڙي ئي تنهنجي تعريف سڄيءَ دنيا ۾ پيئي ٿئي. تنهنجو زورآور هٿ سچي عدل سان ڀرپور آهي. |
| 11 |
| سو تنهنجي صحيح فيصلن جي ڪري، شل تہ صيئون وارا خوشيون ڪن، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا خوش ٿين. |
| 12 |
| اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين صيئون جو طواف ڪريو، انهيءَ جي آسپاس گھمو ڦرو، ۽ انهيءَ جي منارن کي بہ ڳڻي ڏسو. |
| 13 |
| اوهين ان جي ڪوٽ جي ڀتين کي جاچي ڏسو، ۽ انهيءَ جي محلاتن تي غور ڪريو، تانتہ اوهين پنهنجي ايندڙ پيڙهين کي ٻڌائي سگھو تہ |
| 14 |
| ”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“ |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/048.mp3
150
48