Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خداوند منهنجي ڳالهہ تي ڪن ڏي، ۽ منهنجي آهن تي نگاهہ ڪر. |
| 2 |
| اي منهنجا بادشاهہ منهنجا خدا، منهنجي پڪار ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو کان دعا ٿو گهران. |
| 3 |
| اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس. |
| 4 |
| ڇو جو تون اهو خدا نہ آهين، جو بڇڙائيءَ مان خوش ٿين، بدڪاري تو وٽ رهي ڪين سگهندي. |
| 5 |
| مغرور تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندا؛ توکي سڀني بدڪارن کان نفرت آهي. |
| 6 |
| جيڪي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، تن کي تون برباد ڪندين؛ خداوند کي خوني ۽ دغاباز ماڻهوءَ کان نفرت آهي. |
| 7 |
| پر آءٌ تنهنجي بيحد رحم جي ڪري تنهنجي گهر ۾ ايندس؛ آءٌ تنهنجي پاڪ هيڪل ڏانهن منهن ڪري ڊپ سان توکي سجدو ڪندس. |
| 8 |
| اي خداوند، مون کي منهنجي دشمنن جي سببان پنهنجي راستبازيءَ ۾ هلاءِ؛ منهنجي اڳيان پنهنجي واٽ پڌري ڪر. |
| 9 |
| ڇو تہ انهن جي وات ۾ ڪا سچائي ڪانهي؛ انهنجو اندر تمام بڇڙو آهي: انهن جي نڙي کليل قبر آهي؛ اُهي پنهنجيءَ زبان سان خوشامد ٿا ڪن. |
| 10 |
| اي خدا انهن کي ڏوهي ٺهراءِ؛ هي پنهنجن منصوبن ۾ پاڻ ڦاسن؛ انهن کي سندن گناهن جي گهڻائيءَ ڪري ڌڪي ڪڍ؛ ڇو جو تنهنجي برخلاف فساد ڪيو اٿن. |
| 11 |
| پر جيڪي توتي ڀروسو ٿا رکن سي خوشيون ڪن، اهي سدائين خوشيءَ سان پڪارين، ڇو جو تون انهن کي بچائين ٿو: جيڪي تنهنجي نالي کي پيار ٿا ڪن، سي تون ۾ خوشحال رهن. |
| 12 |
| ڇو جو تون راستباز کي برڪت ڏيندين؛ اي خداوند، تون هن کي ڍال وانگي مهربانيءَ سان ڍڪي ڇڏيندين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/005.mp3
150
5