|
| 1 |
|
| خدا، هائو، خداوند خدا فرمايو آهي، ۽ اُڀرندي کان اُلهندي تائين دنيا کي سڏيو اٿس. |
|
| 2 |
|
| صيون جو سونهن ۾ ڪامل آهي، تنهن مان خدا جو جلوو ظاهر ٿيو آهي. |
|
| 3 |
|
| اسان جو خدا ايندو ۽ ماٺ ڪري ڪين ويهندو: باهہ سندس اڳيان اڳيان ڀسم ڪندي ويندي، ۽ سندس چوڌاري ڏاڍو طوفان پيو لڳندو. |
|
| 4 |
|
| هو پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪرڻ لاءِ، مٿئين آسمان کي ۽ زمين کي سڏيندو: |
|
| 5 |
|
| تہ منهنجي پاڪ بندن کي مون وٽ گڏ ڪريو؛ جن قرباني ڪري مون سان عهد ڪيو آهي. |
|
| 6 |
|
| ۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي. |
|
| 7 |
|
| اي منهنجي اُمت ٻڌ، آءٌ فرمائيندس؛ اي اسرائيل آءٌ توتي شاهدي ڏيندس؛ آءٌ خدا آهيان، يعني تنهنجو خدا آهيان. |
|
| 8 |
|
| آءٌ توکي تنهنجن قربانين جي ڪري ڏوراپو نہ ڏيندس؛ ۽ تنهنجون سوختني قربانيون سدائين منهنجي سامهون آهن. |
|
| 9 |
|
| آءٌ تنهنجي گهر مان ڍڳو ڪين وٺندس، نڪي تنهنجي واڙي مان ٻڪر. |
|
| 10 |
|
| ڇو تہ جهنگ جو هرڪو جانور منهنجو آهي ۽ هزارين ٽڪرين جا ڍور منهنجا ئي آهن. |
|
| 11 |
|
| آءٌ جبلن جي سڀني پکين کي سڃاڻان ٿو: ۽ ميدان جا سڀ جانور منهنجا آهن. |
|
| 12 |
|
| جيڪڏهن آءٌ بکايل هجان ها تہ توکي ڪين ٻڌايان ها: ڇو جو دنيا ۽ انهيءَ جي ڀرپوري منهنجي آهي. |
|
| 13 |
|
| ڇا آءٌ ڍڳن جو گوشت کائيندس، يا ٻڪرن جو رت پيئندس؟ |
|
| 14 |
|
| خدا جي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهہ؛ ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان پنهنجون مڃتائون پوريون ڪر. |
|
| 15 |
|
| مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين. |
|
| 16 |
|
| پر بدڪار کي خدا چوي ٿو، تہ تنهنجو ڪهڙو ڪم جو منهنجا قانون پڌرا ڪرين، ۽ پنهنجي واتان منهنجي عهد جو بيان ڪرين. |
|
| 17 |
|
| ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين. |
|
| 18 |
|
| جڏهن تو چور کي ڏٺو، تڏهن تون انهيءَ سان ملي وئين، ۽ زناڪارن سان شريڪ ٿئين. |
|
| 19 |
|
| تنهنجي وات مان بڇڙائي ٿي نڪري، ۽ تنهنجي زبان ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي رٿي. |
|
| 20 |
|
| تون ويهي پنهنجي ڀاءُ جي برخلاف ٿو ڳالهائين؛ ۽ تون پنهنجي سڳي ڀاءُ جي گلا ٿو ڪرين. |
|
| 21 |
|
| تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس. |
|
| 22 |
|
| هاڻي اوهين جي خدا کي وساريو ٿا سي هن ڳالهہ تي غور ڪريو، متان آءٌ، اوهان کي چيري ٽڪر ٽڪر ڪريان، ۽ ڪو بہ ڇڏائڻ وارو نہ هجي: |
|
| 23 |
|
| جيڪو شڪرگذاريءَ جي قرباني پيش ٿو ڪري سو منهنجو جلال ظاهر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو پنهنجي چال چلن برابر ٿو رکي تنهن کي آءٌ خداوند جي نجات ڏيکاريندس. |
|
|
|
|