Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| بيوقوف پنهنجي دل ۾ چيو آهي تہ خدا ڪونهي. اُهي بگڙي ويا آهن، اُنهن ڪراهت جهڙي برائي ڪئي آهي؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي. |
| 2 |
| خدا آسمان مان بني آدم ڏانهن نهاريو، تہ ڏسي تہ ڪو اهڙو سمجهو آهي جو خدا جي ڳولا ٿو ڪري. |
| 3 |
| انهن مان هرڪو گمراهہ ٿيو آهي؛ اهي سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن؛ نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي. |
| 4 |
| بدڪارن کي سمجهہ ڪانهي ڇا؟ ۽ اُهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائي وڃن جيئن ماني کائبي آهي، ۽ خدا کان دعا نٿا گهرن. |
| 5 |
| جتي خوف ڪونہ هو، اُتي هو ڏاڍا ڊڄي ويا: ڇالاءِ تہ جيڪي توکي گهيرو ٿا ڪن تن جي هڏين کي خدا ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو آهي؛ تو انهن کي شرمندو ڪيو، ڇو تہ خدا کين رد ڪري ڇڏيو آهي. |
| 6 |
| شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خدا پنهنجيءَ اُمت جي قيدين کي موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/053.mp3
150
53