مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خدا! تون پنهنجي جلال کي ظاهر ڪري مون کي بچاءِ. هائو، پنهنجيءَ قدرت سان تون منهنجو انصاف ڪر. |
| 2 |
| اي خدا! تون منهنجي دعا ٻڌ، منهنجي زبان جي ڳالهين ڏانهن ڪن ڏي، |
| 3 |
| ڇاڪاڻ تہ ڪي ڌاريا ماڻهو منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. هائو، بيترس ماڻهو منهنجي جان جي پٺيان پيا آهن. اهي تو خدا جو بہ ڪو لحاظ ڪونہ ٿا رکن. |
| 4 |
| برحق، خدا ئي منهنجو مددگار آهي. منهنجو ڌڻي ئي منهنجيءَ جان جو محافظ آهي. |
| 5 |
| شال هو منهنجي دشمنن تي سندن بڇڙائي موٽائي آڻي! شال هو مون سان وفا ڪندي کين برباد ڪري ڇڏي! |
| 6 |
| اي خداوند! آءٌ تنهنجي حضور خوشيءَ جي قرباني پيش ڪندس. آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو بجا آڻيندس، ڇوجو تون ڀلو آهين. |
| 7 |
| بيشڪ تو مون کي هر تڪليف کان ڇڏايو آهي، ۽ منهنجي اکين مون کي پنهنجي دشمنن تي سوڀارو ڏٺو آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/054.mp3
150
54