Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا مون تي رحم ڪر؛ ڇو جو انسان مون کي ڳيهڻ ٿو گهري: هو سڄو ڏينهن وڙهي وڙهي مون کي پيو ستائي. |
| 2 |
| منهنجا دشمن مون کي سڄو ڏينهن ڳهي وڃڻ ٿا گهرن: ۽ جيڪي مغروريءَ ۾ مون سان وڙهن ٿا سي گهڻيئي آهن. |
| 3 |
| جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو تڏهن آءٌ توتي ڀروسو رکندس. |
| 4 |
| خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي، سو آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟ |
| 5 |
| اهي سڄو ڏينهن منهنجن لفظن جي اُبتي معنيٰ پيا ڪڍن: ۽ انهن جا سڀ خيال مون سان بڇڙائي ڪرڻ جا آهن. |
| 6 |
| اهي گڏجي لڪي ٿا ويهن، ۽ منهنجا پير پيا جاچين، ڄڻ تہ منهنجو ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن. |
| 7 |
| اُهي بڇڙائي ڪري ڇٽي ويندا ڇا؟ اي خدا غصي ۾ قومن کي ڪيرائي ڇڏ. |
| 8 |
| تون منهنجي رُلڻ جو حساب ٿو رکين: منهنجا لڙڪ پنهنجيءَ ٻاٽليءَ ۾ وجهي رک؛ اُهي تنهنجي دفتر ۾ داخل نہ آهن ڇا؟ |
| 9 |
| جنهن ڏينهن آءٌ پڪاريندس تنهن ڏينهن منهنجا دشمن پٺ تي هٽندا: اها مون کي خبر آهي تہ خدا منهنجي پاسي آهي. |
| 10 |
| خدا جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس: خداوند جي مدد سان آءٌ سندس ڪلام جي تعريف ڪندس. |
| 11 |
| مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟ |
| 12 |
| اي خدا مون تنهنجون مڃتائون مڃيون آهن: آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جون قربانيون چاڙهيندس. |
| 13 |
| ڇو جو تو منهنجيءَ جان کي موت کان ڇڏايو آهي: تو منهنجن پيرن کي ترڪڻ کان بچايو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خدا جي حضور ۾ زندگيءَ جي نور ۾ هلان. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/056.mp3
150
56