مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا. |
| 2 |
| هائو، منهنجا دشمن هر وقت مون کي ايذائيندا رهن ٿا. اهي تمام گھڻا آهن جيڪي مون سان وڙهن ٿا. |
| 3 |
| اي قادرِمطلق خدا! جڏهن مون کي ڊپ ٿيندو، تڏهن منهنجي توڪل تو تي ئي رهندي. |
| 4 |
| خدا جنهن جي واعدي تي مون کي فخر آهي، تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟ |
| 5 |
| منهنجا دشمن سڄو ڏينهن منهنجي لفظن جي ابتي معنيٰ ڪڍن ٿا. هنن جو سڄو خيال منهنجي خلاف بڇڙائي ڪرڻ ڏانهن آهي. |
| 6 |
| اهي گڏجي ڇپي ٿا ويهن ۽ مون کي تاڙين ٿا. هو منهنجي ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن. |
| 7 |
| پوءِ ڇا اهڙي بڇڙائي ڪرڻ جي باوجود هو ڇٽي ويندا؟ اي خدا! تون پنهنجي غضب سان انهن قومن کي ڪيرائي ڇڏ. |
| 8 |
| تون منهنجي ڏکن کي ڄاڻين ٿو. منهنجا لڙڪ تنهنجي سانداريءَ ۾ جمع ٿيل آهن. ڇا منهنجا اهي لڙڪ تنهنجي دفتر ۾ داخل ڪين آهن؟ |
| 9 |
| آءٌ جڏهن تو کي پڪاريندس تہ منهنجا دشمن پوئتي هٽي ويندا. انهيءَ مان مون کي يقين ٿيندو تہ تون خدا منهنجي پاسي آهين. |
| 10 |
| خداوند خدا جنهن جي واعدي تي مون کي فخر آهي، |
| 11 |
| تنهن تي ئي منهنجي توڪل آهي سو آءٌ بلڪل نہ ڊڄندس. انسان جيڪو فاني آهي سو مون کي ڇا ڪري سگھندو؟ |
| 12 |
| اي خدا! جيڪي باسون مون تو وٽ باسيون هيون، سي آءٌ تنهنجي حضور ۾ شڪرگذاريءَ جي قربانين طور پيش ڪندس. |
| 13 |
| انهيءَ سبب جو تو منهنجي پيرن کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچايو آهي، هائو، تو مون کي موت کان ڇڏايو آهي، تانتہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ جيئرن جي روشن دنيا ۾ هلان. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/056.mp3
150
56