مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن. |
| 2 |
| آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريان ٿو، هائو، خدا کي جيڪو منهنجي لاءِ سڀ ڪجھہ ڪري ٿو. |
| 3 |
| هو عرش تان ورندي ڏئي مون کي بچائي وٺندو، ۽ انهن کي ملامت ڪندو جيڪي مون کي ايذائين ٿا. خدا پنهنجي وفا ۽ دائمي شفقت ضرور ڏيکاريندو. |
| 4 |
| آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي. |
| 5 |
| اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي. |
| 6 |
| منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بيوس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن. |
| 7 |
| اي خدا! منهنجو تو تي ڀروسو آهي، هائو، اهڙو ڀروسو جيڪو ڪڏهن بہ ختم ٿي نہ سگھي. سو آءٌ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس. |
| 8 |
| آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس. |
| 9 |
| اي منهنجا ڌڻي! آءٌ ماڻهن آڏو تنهنجو شڪرانو ڪندس. هائو، آءٌ قومن ۾ گيت ڳائي تنهنجي واکاڻ ڪندس، |
| 10 |
| ڇاڪاڻ تہ تنهنجو رحم آسمانن تائين ٽمٽار آهي. بيشڪ تنهنجي وفا عظيم آهي، جيڪا بادلن تائين ڀريل آهي. |
| 11 |
| اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/057.mp3
150
57