|
| 1 |
|
| اي منهنجا خدا مون کي منهنجن دشمنن کان ڇڏاءِ: جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿيا آهن تن تي مون کي سرفراز ڪر. |
|
| 2 |
|
| مون کي خطاڪارن کان ڇڏاءِ، ۽ خونين کان مونکي بچاءِ. |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو ڏس اهي منهنجي جان جي لاءِ ڇپ ماري ويٺا آهن؛ اي خداوند منهنجي ڪنهن بہ ڏوهہ يا گناهہ کانسواءِ، زبردست ماڻهو منهنجي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن. |
|
| 4 |
|
| بنا ڪنهن ڏوهہ جي اهي مون تي ڊوڙي سنبريو اچن: تون منهنجي مدد جي لاءِ جاڳ ۽ نظر ڪر. |
|
| 5 |
|
| اي خداوند، لشڪرن جا خدا، اسرائيل جا خدا، تون سڀني قومن جو حساب وٺڻ لاءِ اُٿ: ۽ ڪنهن بہ بڇڙي گنهگار تي رحم نہ ڪر. |
|
| 6 |
|
| اهي سانجهيءَ جو موٽن ٿا، ۽ ڪتي وانگي پيا ڀونڪن، ۽ شهر ۾ پيا گهمن. |
|
| 7 |
|
| ڏس اهي وات مان اوڳرايون پيا ڪڍن؛ سندن چپن ۾ تراريون آهن: ڇو جو هو چون ٿا تہ ڪير ٿو ٻڌي؟ |
|
| 8 |
|
| پر اي خداوند تون مٿن کلندين؛ تون سڀني غير قومن تي ٺٺوليون ڪندين. |
|
| 9 |
|
| اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي انتظار ۾ رهندس؛ ڇو جو خدا منهنجو اوچو ٺلهہ آهي. |
|
| 10 |
|
| منهنجو خدا پنهنجي رحم سان منهنجي سنڀال ڪندو: خدا منهنجي دشمنن تي منهنجي مراد پوري ڪندو. |
|
| 11 |
|
| انهن کي قتل نہ ڪر، متان منهنجا ماڻهو وساري ڇڏين: اي خداوند اسان جي سپر پنهنجي قدرت سان انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڪيرائي ڇڏ. |
|
| 12 |
|
| ڀلي تہ اهي پنهنجي وات جي گناهہ، ۽ پنهنجي چپن جي ڳالهين سبب، ۽ پاراتن ڏيڻ، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مغروريءَ ۾ جهليا وڃن. |
|
| 13 |
|
| ڪاوڙ ۾ انهن کي فنا ڪر، فنا ڪرين تہ اهي نابود ٿي وڃن: ۽ کين معلوم ٿئي تہ خدا يعقوب تي، بلڪ زمين جي ڇيڙي تائين حڪم ٿو هلائي. |
|
| 14 |
|
| ڀلي تہ اهي سانجهيءَ جو موٽن ۽ ڀلي تہ ڪتي وانگر ڀونڪن ۽ شهر ۾ گهمن. |
|
| 15 |
|
| اهي کاڌي جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن رلندا، ۽ جي ڍءُ نہ ٿيندن تہ سڄي رات پيا هوندا. |
|
| 16 |
|
| پر آءٌ تنهنجي طاقت جو گيت ڳائيندس؛ هائو صبح جو تنهنجي رحم جو گيت وڏي آواز سان ڳائيندس؛ ڇو تہ منهنجي مصيبت جي ڏينهن تون منهنجو اوچو ٺلهہ ۽ پناهہ هئين. |
|
| 17 |
|
| اي منهنجي طاقت آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس: ڇو تہ خدا، منهنجو رحيم خدا، منهنجو اوچو ٺلهہ آهي. |
|
|
|
|