Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، تو اسان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي؛ تون ناراض ٿيو آهين؛ تون وري اسان کي بحال ڪر. |
| 2 |
| تو زمين کي ڏڪائي ڇڏيو آهي؛ تو اُنهيءَ کي چيري ڇڏيو آهي: تون انهيءَ جون چيرون بند ڪر ڇو جو اُها لڏي ٿي. |
| 3 |
| تو پنهنجي قوم کي سختي ڏيکاري آهي: تو اسان کي آٿڙائڻ وارو شراب پياريو آهي. |
| 4 |
| جيڪي توکان ڊڄن ٿا تن کي، هڪڙو جهنڊو ڏنو اٿيئي، تہ اهو سچائيءَ جي خاطر مٿي ڪيو وڃي. |
| 5 |
| پنهنجي ساڄي هٿ سان اسان کي بچاءِ، ۽ اسان کي جواب ڏي: تہ تنهنجا محبوب ڇڏايا وڃن. |
| 6 |
| خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشيون ڪندس: آءٌ سڪيم جا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات جي وادي ورهائي ڏيندس. |
| 7 |
| جلعاد منهنجو آهي، ۽ منسي بہ منهنجو آهي: افرائيم منهنجي مٿي جي بچاءُ آهي؛ ۽ يهوداہ منهنجو عصو آهي. |
| 8 |
| موآب منهنجي ڌوئڻ جو ٿانو آهي؛ ۽ ادوم تي آءٌ پنهنجي جتي اُڇلائيندس: اي فلستين، تون منهنجي ڪري خوشيءَ سان للڪار. |
| 9 |
| ڪير مون کي انهي مضبوط شهر ۾ وٺي ويندو؟ ڪير مون کي ادوم تائين پهچائيندو؟ |
| 10 |
| اي خدا تو اسان کي ڇڏي نہ ڏنو آهي ڇا؟ اي خدا تون اسان جي لشڪرن سان نٿو هلين. |
| 11 |
| اسان کي مدد ڏيئي دشمن کان بچاءِ ڇو تہ انسان جي مدد اجائي آهي. |
| 12 |
| خدا جي مدد سان اسين بهادري ڪنداسين: ڇو جو اهو ئي اسان جي دشمنن کي لتاڙي ڇڏيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/060.mp3
150
60