مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر. |
| 2 |
| تو ڌرتيءَ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ۽ تو ئي ان کي چيري ڇڏيو آهي. پر هاڻ تون انهيءَ جا چير بند ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها سخت لوڏي ۾ آهي. |
| 3 |
| تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي. |
| 4 |
| جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن تن کي تو هڪڙو جھنڊو ڏنو آهي، تانتہ انهيءَ کي دشمنن جي تيرڪمانن آڏو کڙو ڪري ان هيٺان هو پناهہ وٺن. |
| 5 |
| تون اسان جي ٻڌ، ۽ پنهنجي زورآور هٿ سان اسان جي مدد ڪر، تانتہ اسين تنهنجا محبوب فتحياب ٿيون. |
| 6 |
| خدا پنهنجي مقدس ترين جاءِ مان واعدو فرمايو آهي تہ ”آءٌ فتحيابيءَ جي خوشيءَ وچان سڪم جي علائقي جا ڀاڱا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات واري ماٿري پڻ پنهنجي قوم ۾ ورهائي ڇڏيندس. |
| 7 |
| جِلعاد جو علائقو منهنجو آهي ۽ منسي بہ منهنجو آهي، افرائيم منهنجو لوهي ٽوپ آهي، ۽ يهوداہ منهنجي شاهي لٺ آهي. |
| 8 |
| موآب جو ملڪ منهنجي هٿن ڌوئڻ جو ٿانءُ آهي، ادوم ملڪ تي آءٌ پنهنجي جُتي رکندس، ۽ فلستين جي ملڪ تي آءٌ فتح جو نعرو هڻندس.“ |
| 9 |
| اي خدا! ڪير مون کي ادوم ملڪ تائين پهچائيندو؟ ڪير مون کي ان جي ڪوٽ واري شهر ۾ وٺي ويندو؟ |
| 10 |
| اي خدا! ڇا اهو تون ئي نہ آهين، توڙي جو اسان کي رد ڪيو اٿيئي، ۽ اسان جي لشڪرن سان گڏ نہ ٿو هلين؟ |
| 11 |
| دشمنن جي مقابلي ۾ تون اسان جي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ انساني مدد بلڪل اجائي آهي. |
| 12 |
| خدا جي مدد سان اسين فتح جا جوهر ڏيکارينداسين، ڇوجو اهو ئي آهي جيڪو اسان جي دشمنن کي لتاڙيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/060.mp3
150
60