Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي. |
| 2 |
| اهڙي طرح مون پاڪ مڪان ۾ تو لاءِ نهاريو، تہ تنهنجي قدرت ۽ جلال ڏسان. |
| 3 |
| ڇو جو تنهنجي ٻاجهہ حياتيءَ کان بہ چڱي آهي؛ منهنجو وات تنهنجي تعريف ڪندو. |
| 4 |
| انهي ڪري جيسين آءٌ جيئندس، تيسين توکي مبارڪ چوندس: ۽ تنهنجو نالو وٺي پنهنجا هٿ مٿي کڻندس. |
| 5 |
| منهنجي جان ڄڻ تہ گودي ۽ چرٻي کائي ڍءُ ڪندي؛ ۽ منهنجو وات مشڪندڙ چپن سان تنهنجي تعريف ڪندو؛ |
| 6 |
| جڏهن آءٌ پنهنجي هنڌ تي توکي ياد ڪندس، ۽ رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تنهنجو ڌيان ڪندس. |
| 7 |
| ڇالاءِ جو تون منهنجو مددگار رهيو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي پرن جي پاڇي ۾ خوشيون ڪندس. |
| 8 |
| منهنجي جان تنهنجي ئي ڌيان ۾ لڳل آهي: تنهنجو ساڄو هٿ مون کي سنڀالي ٿو. |
| 9 |
| پر جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا گهرن، سي قبر ۾ وڃي پوندا. |
| 10 |
| اهي ترار جي حوالي ٿيندا: ۽ لومڙن جو کاڄ ٿيندا. |
| 11 |
| پر بادشاهہ خداوند ۾ خوش ٿيندو: جيڪو ڪو هن جو قسم ٿو کڻي سو فخر ڪندو؛ ڇو جو ڪوڙ ڳالهائڻ وارن جو وات بند ٿيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/063.mp3
150
63