Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا منهنجي فرياد جو آواز ٻڌ: دشمن جي ڊپ کان منهنجي جان بچاءِ. |
| 2 |
| بدڪارن جي ڳجهيءَ صلاح کان، ۽ خطاڪارن جي فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ: |
| 3 |
| جن پنهنجي زبان ترار جهڙي تکي ڪئي آهي، ۽ پنهنجن سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ ڪمانون ڪشيون آهن. |
| 4 |
| تہ ڪامل ماڻهوءَ کي لڪي تير هڻن، اهي اوچتا تير ٿا هڻن ۽ ڊڄن نٿا. |
| 5 |
| اهي بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي همتائين ٿا؛ ۽ ڳجهيءَ طرح ڦندي وجهڻ لاءِ منصوبو ٿا ڪن. |
| 6 |
| اهي بڇڙايون ڳولي ٿا ڪڍن؛ ۽ چون ٿا تہ اسان هڪڙي پڪي رٿ ڳولي آهي: انهن جا اندريان خيال ۽ دل ٻئي اونها آهن. |
| 7 |
| پر خدا انهن کي تير هڻندو؛ ۽ اهي اوچتو ڦٽجي پوندا. |
| 8 |
| اهي پنهنجي زبان جي ڪري پاڻ ڌڪو کائيندا: ۽ جيڪي کين ڏسندا سي سڀ ڪنڌ ڌوڻيندا. |
| 9 |
| ۽ سڀ ماڻهو ڊڄندا؛ ۽ خدا جي ڪمن جو بيان ڪندا، ۽ هن جي ڪمن کي چڱيءَ طرح سمجهندا. |
| 10 |
| راستباز ماڻهو خداوند ۾ خوشيون ڪندا، ۽ مٿس ڀروسو رکندا؛ ۽ جيڪي دل جا سچار آهن سي سڀ فخر ڪندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/064.mp3
150
64