مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي خدا! منهنجو فرياد ٻڌ. تون مون کي خوفناڪ دشمنن کان محفوظ رک. |
| 2 |
| مون کي بڇڙن جي ڳجھين سازشن کان محفوظ رک، ۽ بدڪارن جي شر ۽ فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ. |
| 3 |
| اهي پنهنجيون زبانون تلوار جهڙيون تکيون ٿا ڪن، بلڪ سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ پنهنجا تيرڪمان ڇڪين ٿا، |
| 4 |
| ۽ تاڙ ڪري اوچتو ئي بيڏوهن کي تير ٿا هڻن، ۽ ڪنهن کان بہ نہ ٿا ڊڄن. |
| 5 |
| هو بڇڙن ڪمن ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي کي همتائين ٿا. اهي ڳجھيءَ طرح سان ڦندو وجھڻ لاءِ منصوبا ٿا جوڙين، ۽ هيئن چون ٿا تہ ”اسان کي ڪير ٿو ڏسي سگھي؟“ |
| 6 |
| اهي بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙين ٿا ۽ چون ٿا تہ ”اسان جيڪا سازش سِٽي آهي سا بلڪل مڪمل آهي.“ بيشڪ جيڪي ڳالهيون انسان جي دل ۽ دماغ اندر آهن، تن کي ڪو ٻيو ڄاڻي نہ ٿو سگھي. |
| 7 |
| مگر خدا انهن کي پنهنجي تيرن سان چُٽيندو، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُهي ڦهڪو ڪري ڪرندا. |
| 8 |
| سندن ئي زبان سندن برباديءَ جو سبب بڻبي، ۽ پوءِ جيڪو بہ انهن کي ڏسندو، سو حيرت وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيندو. |
| 9 |
| تڏهن سڀيئي ماڻهو ڊڄندا ۽ خدا جا اهي ڪم بيان ڪندا، ۽ چڱيءَ طرح سان سندس انهن ڪمن تي غور ڪندا. |
| 10 |
| سچار ماڻهو خداوند جي انهن ڪمن تي خوشيون ملهائيندا. انهن کي خدا جي پناهہ حاصل ٿيندي، ۽ اهي سڀيئي دل جا سچار مٿس فخر ڪندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/064.mp3
150
64