Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي خدا صيون ۾ تنهنجي تعريف جو انتظار آهي: ۽ تنهنجي مڃتا پوري ڪئي ويندي. |
| 2 |
| اي دعا جا ٻڌڻ وارا، سڀ انسان تو وٽ ايندا. |
| 3 |
| گناهہ مون تي اچي غالب ٿيا آهن: پر تون اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيندين. |
| 4 |
| مبارڪ آهي اُهو ماڻهو جنهن کي تون چونڊي پاڻ وٽ اچڻ ٿو ڏين، تہ اهو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ رهي: اسين تنهنجي گهر، يعني تنهنجيءَ پاڪ هيڪل جي چڱين شين سان آسودا ٿينداسين. |
| 5 |
| اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين. |
| 6 |
| تون پنهنجيءَ قدرت جو سندرو ٻڌي، پنهنجيءَ طاقت سان جبلن کي قائم ٿو رکين. |
| 7 |
| تون سمنڊن جي گجگوڙ کي ۽ لهرن جي گوڙ کي، ۽ ماڻهن جي گڙٻڙ کي بس ٿو ڪرائين. |
| 8 |
| زمين جي سرحدن جا رهاڪو تنهنجي معجزن کان ڊڄن ٿا: تون صبح ۽ شام جي نڪرڻ وارن هنڌن کي خوشي ٿو بخشين. |
| 9 |
| تون مهر جي نظر ڪري زمين کي ريج ٿو ڏين، تون انهي کي سائو ٿو ڪرين؛ خدا جي ندي پاڻيءَ سان ڀرپور آهي: تون اهڙيءَ طرح زمين کي تيار ڪري انهن کي ان ٿو پهچائين. |
| 10 |
| تون زمين جي مٿانهين کي گهڻو ريج ٿو ڏين؛ ۽ انهيءَ جي هيٺانهين کي سنئون ٿو ڪرين: ۽ مينهن وسائي انهيءَ کي ڪونئرو ٿو ڪرين؛ ۽ انهيءَ جي پيداوار ۾ برڪت ٿو وجهي. |
| 11 |
| تون سڄي سال تي پنهنجيءَ مهربانيءَ جو ڇٽ ٿو رکين؛ ۽ تنهنجن واٽن ۾ سڻڀ ٿو وسي. |
| 12 |
| اُهو بيابان جي چراگاهن ۾ پيو ڪري: ۽ سڀ ڪنهن پاسي ٽڪريون خوشيون ٿيون ڪن. |
| 13 |
| چراگاهہ ڌڻن سان ڇانئجي ويا آهن؛ ۽ واديون اَن سان ڍڪجي ويون آهن؛ اهي خوشيءَ جو آواز ڪڍي ڳائين ٿيون. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/065.mp3
150
65